صحت واري صوبائي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو اجلاس

ڪراچي( 13 جولاءِ 2018): صحت، تعليم ۽ بهبود آبادي واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعديه ورڪ رضوي جي صدارت هيٺ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊاڪٽر منهاج ڪدوائي ۽ ڪميشن جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.