علي احمد بلوچ قانون کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري/ ڊرافٽس مين مقرر

ڪراچي (06 سيپٽمبر 2018): قانون ۽ پارلياماني معاملن واري کاتي جي نوٽيفڪيشن جي مطابق علي احمد بلوچ ايڪس پي سي ايس (بي ايس 19) ايڊيشنل / ڊرافٽس مين طور قانون ۽ پارلياماني معاملن کاتي ۾ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي. سندس مقرري محمد بدر قدير آفيسر آف ايڪس پي سي ايس (بي ايس 19) جي 24هين سينيئر مينيجمينٽ ڪورس جي لاءِ وڃڻ جي ڪري ڪئي وئي آهي