نگران صوبائي وزير اطلاعات جميل يوسف پاران مستونگ (بلوچستان ) ۽ بنون (ڪي پي ڪي) ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ۽ رئيساڻي ۽ ٻين شهيدن جي وارثن سان اظهار تعزيت

ڪراچي( 14 جولاءِ 2018): سنڌ جي اطلاعات ، ماحوليات، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ قانون واري نگران صوبائي وزير جميل يوسف پاران مستونگ (بلوچستان ) ۾ خود ڪش حملو ۽ بنون ( ڪي پي ڪي) ۾ بم بلاسٽ جي نتيجي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل معصوم ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ افسوس ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران صوبائي وزير اطلاعات جميل يوسف اهڙن واقعن ۾ هڪ انتخابي اميدوار سراج رئيساڻي ۽ ٻين ماڻهن جي شهيد ٿيڻ تي پڻ دلي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.