وزير اعليٰ سنڌ جي جي قانون ۽ اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ضلعي ٺٽي ۾ پوليس کاتي ۾ ٿيل هڪ سئو ٻٽيھ جعلي ڀرتين جو نوٽيس ورتو آهي

ڪراچي ( 09 آڪٽوبر 2018 ) وزير اعليٰ سنڌ جي جي قانون ۽ اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ضلعي ٺٽي ۾ پوليس کاتي ۾ ٿيل هڪ سئو ٻٽيھ جعلي ڀرتين جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڊپٽِ دائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ضمير عباسي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته صوبي ۾ جتي به رشوت وٺڻ جي رپورٽ موصول ٿي ته فوري طور تي لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.