ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس جي وصولي لاءِ روڊ چيڪنگ مهم شروع ڪئي ويندي، مڪيش ڪمار چاولا

ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس جي وصولي لاءِ روڊ چيڪنگ مهم شروع ڪئي ويندي، مڪيش ڪمار چاولا

ڪراچي( 27 سيپٽمبر 2018)؛ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات واري کاتن جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته گاڏين جو ٽيڪس نه ادا ڪندڙن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ جلد از جلد روڊ چيڪنگ مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن قومي خزاني ۾ ٽيڪسز جي رقم جمع ڪرائي سگھجي ۽ صوبي جي ترقياتي اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪري سگھجي.