IMG-LOGO


 

سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ مسافرن کان واڌو ڪرايو،روٽ پرمٽ، فٽنس نه رکندڙ مسافر گاڏين ۽ ان رجسٽرڊ چنگچي رڪشن خلاف ڪريڪ ڊائون.

ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران 12 سو گاڏين مان 600 مسافر گاڏيون ان فٽ قرار صوبائي وزير پاران ريجنل سيڪريٽري نظر حسين شاهاڻي کي روٽ پرمٽ منسوخ ۽ گاڏيون بند ڪرڻ جو حڪم.

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ مسافرن کان واڌو ڪرايو وٺندڙ ۽ روٽ پرمٽ نه رکندڙ انٽرا سٽي گاڏين خلاف ڪارروائي،10 کان وڌيڪ گاڏيون بند، 56 هزار روپيا ڏنڊ وڌيو ويو.اويس قادرشاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ مسافرن کان واڌو ڪرايو،روٽ پرمٽ، فٽنس نه رکندڙ مسافر گاڏين ۽ ان رجسٽرڊ چنگچي رڪشن خلاف ڪريڪ ڊائون. ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير اويس شاھ وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ مسافرن کان واڌو ڪرايو وٺندڙ ۽ روٽ پرمٽ نه رکندڙ انٽرا سٽي گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي،جنھن ۾ 10 کان وڌيڪ گاڏيون بند ۽ 56 ھزار روپيا ڏنڊ وڌوويو، لاڙڪاڻي ۾ 40 کان وڌيڪ ان رجسٽرڊ چنگچي رڪشا بند ۽ 10 ھزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو.ڪراچي ۾ 12سو گاڏين مان 600 مسافر گاڏيون ان فٽ قرارروٽ پرمٽ منسوخ ۽ بند ڪرڻ جو حڪم. اويس قادر شاھ چيو ته سکر، حيدرآباد، جڪب آباد، خيرپور، بدين، سانگھڙ ۾ به گاڏين مان سي اين جي سلينڊر ڪڍيا ويا ۽ 13 گاڏيون چالان ڪيون ويون،11 ھزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو. اويس شاھ جو ريجنل سيڪر يٽريز کي مسافرن کان واڌو ڀاڙو وٺندڙ انٽرا سٽي گاڏين جي روٽ پرمٽ منسوخ ۽ بند ڪرڻ جو حڪم، روزانه جي بنياد تي رپورٽ ڏيڻ جو به حڪم،


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019