IMG-LOGO


خصوصي (اسپيشل) ٻارن جي صلاحيتن جي اظهار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سيد قاسم نويد قمر

ڪراچي 03 نومبر 2019 :

  • اعليٰ سنڌ جي خصوصي ماڻهن جي بحاليءَ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته اها هڪ حقيقت آهي ته خصوصي ٻار صلاحيتن ۾ ڪنهن کان به پوئتي نه آهن، جيڪڏهن هنن کي صحيح رهنمائي ، تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ته اهي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا انهن خصوصي ٻارن کي صرف پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ دوستانه ماحول جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهارهن ديوا ڪمپليڪس ۾ منعقد ڪيل ديوا آگاهي ميلي ۽ آرٽ نمائش جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر خالد عراقي ۽ سي اي او ديوا انسٽيٽيوٽ رضوان احمد لوڌي پڻ موجود هئا. اعليٰ سنڌ جي خصوصي ماڻهن جي بحاليءَ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ خصوصي ٻارن پاران ٺاهيل آرٽ ورڪ ۽ ٻين ڪمن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته خصوصي ٻارن پاران ٺاهيل پينٽنگز ۽ فنون لطيفه جي ٻين ڪمن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ انهن کي مستقبل ۾ به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ان دوري دوران سي اي او ديوا رضوان احمد لوڌي ، وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي ماڻهن جي بحاليءَ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر کي پنهنجي اين جي او جي ڪارڪردگي ۽ منصوبن بابت آگاهه ڪيو. سيد قاسم نويد قمر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت غير سرڪاري تنظيمن سان رابطي ۾ رهندي آهي ۽ خاص انهن تنظيمن سان جيڪي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ آهن انهن جي ڪاوشون ساراهه جي لائق آهن. هن چيو ته خصوصي ٻارن جي پوشيده صلاحيتن کي نکارڻ ۽ اڀارڻ لاءِ اهڙي قسم جون تقريبات جو باقاعده اهتمام ڪرڻ گهرجي ۽ اسان سڀني کي انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته معاشري جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز ، جيڪي خصوصي ٻارن جي تعليم ، تربيت ۽ بحالي جي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان رابطو رکڻ گهرجي.

هينڊآئوٽ 909 ايم يو


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019