IMG-LOGO


  • 03 نومبر 2019: وزيراعليٰ سنڌ جي جيل خانه جات ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت قيدين جي اصلاح کي باقاعده قانون ۾ شامل ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ سموري سنڌ جي جيلن ۾ خاص تربيتي مرڪز پڻ ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن قيدي سزا مڪمل ڪرڻ بعد معاشري لاءِ بهتر شهري بڻجي سگهن. هن آچر ڏهاڙي ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو دورو ڪيو ۽ جيل جي انتطامن جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي آءِ جي جيل خانه جات قاضي نظير احمد جيل سپريٽنڊنٽ اورنگزيب ڪنگو ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. دوري دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي هدايت ڪئي ته انساني حقن ۽ جيل مينيوئل موجب قيدين کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيو وڃن. جڏهن ته قيدين جي ملاقات جي عمل کي آسان بڻائيندي ضروري قدم کنيا وڃن. صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جيل جي آفيسرن کي سمورن قيدين جي ميڊيڪل رپورٽ جو ڊيٽا ترتيب ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته ميڊيڪل ڊيٽا جوڙڻ بعد دل جي بيمارين ، شگر، هيپٽائٽس ۽ بين مرضن جي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جيل جي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي علاج جي انتظامن بابت راءِ ورتي ، جنهن تي قيدين طرفان مهيا ڪيل سهولتن تي صوبائي صلاحڪار سامهون اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ حڪومت قيدين کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڏيندي ۽ جيلن ۾ فيڪٽريون ٺاهينديون ته جيئن قيدي آزادي کانپوءِ ڪارآمد شهري بڻجي سگهن. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي قيدين سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا ۽ آفيسرن کي انهن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان بعد صوبائي صلاحڪار جيل جي توسيع منصوبي جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 913 اي وي


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019