IMG-LOGO


 

ڪراچي 09 نومبر 2019 : سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته چيئرمين نيب جيڪڏهن ڊائريڪٽر سکر نيب ۽ ان جي اهلڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ته اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيندس ته اهو سڀ هن جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ضرورت محسوس ٿي ته مونکي ڏنيل ڌمڪين خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائيندس ۽ عدالت پڻ ويندس. هن چيو ته نيب ڪنهن به صورت ۾ اهو اختيار حاصل نه آهي ته هو ادارن جي ڪمن براه راست مداخلت ڪري ۽ الاٽمينٽ ليٽر ۽ چيڪس تقسيم ڪري. هن چيو ته مان انهن سموري الاٽمينٽ ۽ چيڪن کي روڪرائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي نائب راشد رباني، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزير جاويد ناگوري ، مرزا مقبول ، سردار نزاڪت ۽ ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته گذريل ڏهاڙي مان سنڌ اسميبلي جي رولز نمبر 261 تحت پنهنجي بيان اسيمبلي ۽ سمورن ميمبرن کي نيب سکر جي ڊائريڪٽر پارن ڏنل ڌمڪين ۽ هنن پاران ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي آفيسرن کي يرغمال بڻائي جبري طور تي نيب جي چيئرمين جي تقريب ۾ فليٽن جي جبري الاٽمينٽ ليٽرز ۽ شادي جي مدد لاءِ چيڪ تقسيم ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني. هن چيو ته ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ کي به تحريري طور تي سمورن حالتن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اڄ هن پريس ڪانفرس توسط سان هڪ دفعو ٻيهر چيئرمين نيب کي حالتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان ته نيب سکر جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين آفيسرن 31 آڪٽوبر تي سکر ۾ هڪ تقريب دوران هنن کي مامون بڻايو ۽ پنهنجي ڪرپشن ۽ نا اهلي ڇپائڻ لاءِ جنهن جو خود نيب چيئرمين ان تقريب ۾ ذڪر ڪيو هو ته اهو غير آئيني ۽ غير قانون ڪم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نيب سکر جي ڊائريڪٽر طرفان منهنجي کاتي جي آفيسرن ذريعي مونکي ٿريٽ ڏنو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته مونکي ۽ ساٿين کي جلد سرپرائيز ڏيندا. هن چيو ته ان کان علاوه مختلف ذريعن کان به مونکي پيغام ڏنا پيا وڃن ته مان نيب جي حوالي سان ڪا ڳالهه نه ڪريان نه ته وري مونکي ۽ منهنجي ساٿين کي کنڀو ويندو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته نيب سکر پاران منهنجي کاتي غير قانون طريقي سان مداخلت ڪئي پئي وڃي ۽ قانون کان مٿانهون ٿي ڪري نيب پنهنجي مرضي سان منهنجي کاتي جي آفيسرن کي مجبور ڪري رهي هو انهن جي مرضي تي ڪم ڪن. هن چيو ته سکر ۾ چيئرمين 31 آڪٽوبر تي ٿيڻ واري تقريب ۾ جبري طور تي ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران تقسيم ڪيا ويا ۽ شادي جي مدد لاءِ چيڪ هن هٿان ورهايا ويا ۽ ان لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ويلفيئر ورڪرز بورڊ ۽ سيڪريٽري کي جيل ۾ بند ڪرڻ ۽ ڪرمنل مقدما قائم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڪري انهن کي يرغمال بڻايو ويو. سعيد غني چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جن فليٽن جا الاٽمينٽ ليٽرز مذڪوره تقريب ڏنا ويا آهن اهي ڪنهن جي نالي الاٽ ئي نه ٿيا آهن ڇو ته سيپمٽبر ورڪرز بورڊ جي گورننگ باڊي ۾ فليٽن جي ورهاست جي حوالي سان نئين پاليسي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ته جيئن شفاف نموني سان اهي فليٽ مزدورن ۽ محنت ڪشن ۾ ورهائي سگهون. اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته خود ڊائريڪٽر نيب سکر پاران مونکي 30 آڪٽوبر تي رات جو 12 وڳي فون ڪيو ويو، جنهن ۾ هن نيب جي C-33 جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هن وٽ اختيار آهي پر مان ان کي ان وقت ئي واضح ڪيو هو ته هي ڪم مڪمل طور تي غير قانوني آهي ۽ اهو منهنجي کاتي ۾ مداخلت آهي ۽ مان ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. هن چيو ته ان سموري وضاحت باوجود 31 آڪٽوبر جي تقريب لاءِ بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر احتشام کي نه صرف يرغمال بڻايو ويو پر صبح جو هن کي هوٽل مان نيب جي آفيسرن پنهنجي گاڏي مان جبري طور تي تقريب ۾ وٺي ويا ۽ هن کان الاٽمينٽ ليٽر ۽ چيڪ ٺهرائي چيئرمين نيب جي هٿن مان اهو جعلي ڪم ڪرايو ويو. سعيد غني چيو ته ان بعد مونکي مذڪوره آفيسرن ۽ ٻين ذريعن کان مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته نيب سکر مونکي جلد سرپرائيز ڏيندو. هن چيو ته مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جيالو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ڪارڪن آهيان ۽ مان نه پهريان ڪڏهن انهن ڌمڪين کان خوفزده هئس ۽ نه آئنده رهندس. هن چيو ته مان واضح طور تي چيئرمين نيب کي سموري صورتحال سان آگاهه ڪري رهيو آهيان ته هو فوري طورتي ان سموري معاملي جي تحقيقات ڪرائي ۽ ان ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻي صورت ۾ مان اهو سوچڻ تي مجبور ٿيندس ته اهو صرف هن جي مرضي سان ٿي رهيو آهي پر مان سموري صورتحال ۽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طرفان ڏنل سمورن معاملن جي تحريري رپورٽ تحت ايف آءِ آر درج ڪرائيندس ۽ عدالت ۾ پڻ ويندس. هڪ سوال جي جواب ۾صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سعيد غني چيو ته اسانکي ڪنهن به قسم جي نيب طرفان تحقيقات تي ڪو به اعتراض نه آهي جيڪڏهن اهي پنهنجي اختيارن جي دائري مان ٻاهر نڪري ڪو ڪم ڪندا ته اسان ضرور ڳالهائينداسين ۽ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري جي صحت جي حوالي سان به اسانکي شديد تحفظات آهن ۽ اسان جو مطالبو آهي ته انهن لاءِ ٺاهيل ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽرن ۽ پرائيويٽ ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو وڃي. ڪرتارپور جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده حڪومت کي اهو سڀ ڪرڻ کان اڳ ڪشميرن جي جذبات کي پڻ ڏسڻ گهرجي ها جهڙي ريت ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي حڪومت ان برعڪس جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان سان هنن جا جذبات مجروح ٿي رهيا آهن.

هينڊ آئوٽ نمبر 931


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019