IMG-LOGO


ڪراچي ۾ ماڪڙ جو حملو،سنڌ حڪومت نوٽس وٺي ڇڏيو، ڊي جي زراعت کان رپورٽ طلب، فورن ملير جي علائقن جو جائزو وٺي ڊِي جي زراعت، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ ڊي سي ملير کي اسپري ڪرائڻ جي هدايت.

ماڪڙ ڪراچي ۾ ڪٿي به فصلن کي نقصان ناهي پهچايو، هن وقت ماڪڙ سنڌ مان بلوچستان واپس وڃي رهي آهي.زراعت وارو وزير اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ماڪڙ جو حملو،سنڌ حڪومت نوٽس وٺي ڇڏيو، ڊي جي زراعت کان رپورٽ طلب، فورن ملير جي علائقن جو جائزو وٺي ڊِي جي زراعت، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ ڊي سي ملير کي اسپري ڪرائڻ جي هدايت. زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو نوٽس وٺندي وڌيڪ چيو ته ماڪڙ ڪراچي ۾ ڪٿي به فصلن کي نقصان ناهي پهچايو، هن وقت ماڪڙ سنڌ مان بلوچستان واپس وڃي رهي آهي،شهري پريشان نه ٿين. هن چيو ته وفاقي ادارو پلانٽ پروٽيڪشن شروعاتي ڏينهن ۾ قدم کڻي ها ته ماڪڙ ايتري نه هجي ها. ماڪڙ ڪراچي مليرندي مان گذري رهي آهي، ڪٿي به فصلن کي نقصان نه پهتو آهي، زراعت کاتي جا آفيسر روزانو ماڪڙ جي حوالي سان رپورٽ ڏيندا آهن. هن وقت به آفيسر الرٽ آهن.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019