IMG-LOGO


سنڌ حڪومت وفاق کان پلانٽ پروٽيڪشن کاتو صوبي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ ماڪڙ جا ٻچا اڃا به موجود آهن،وفاقي حڪومت تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو،اسماعيل راهو

سنڌ ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 2 لک ايڪڙ تي اسپري ڪرائي چڪا آهيون، صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن،اسماعيل راهو

ملڪ ۾ ٽماٽن جو فصل برساتن ۽ نقلي ٻجن سبب گهٽ ٿيو آهي،ٽماٽا مهانگا ٿيڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، ٻين صوبن کان سنڌ صوبي ۾ ٽماٽا سستا ملي رهيا آهن،اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته پلانٽ پروٽيڪشن کاتو سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي، 18 هين ترميم کان پوءِ اهو کاتو سنڌ صوبي حوالي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسمبلي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته ماڪڙ جو خاتمو ڪرڻ وفاقي اداري پلانٽ پروٽيڪشن جو ڪم آهي، ڪيترائي ڀيرا خط لکيا پر وفاق ڪوبه جواب نه ڏنو،سنڌ ۾ ماڪڙ جا ٻچا اڃا به موجود آهن،وفاقي حڪومت تڪڙا قدم کڻي،جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته سنڌ ۾ وڏو فصل تباه ٿي سگهي ٿو، ماڪڙ جا ٻچا خطرناڪ آهن،وفاقي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سان ڪوبه تعاون نه ڪيو آهي، ماڪڙ يمن مان ٿيندي بلوچستان مان سنڌ ۾ 31 مئي 2019 تي داخل ٿي جنهن جو اطلاع وفاقي حڪومت کي ڏنو ويو پر انهن ڪي به قدم نه کنيا ۽ ماڪڙ وڌندي وئي،سنڌ جي خيرپور، سانگهڙ، سکر، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، گهوٽڪي، ڄامشورو، نوابشاه سميت 15 ضلعن ۾ ماڪڙ فصلن تي حملو ڪيو، جنهن بعد سنڌ حڪومت حڪومت ڊي سيز کي فنڊ جاري ڪيا، ڊي سيز ۽ زراعت کاتي فورن اسپري ڪرايا ۽ ضابطو آندو ويو. اسماعيل راهو چيو ته 2 لک ايڪڙ فصل تي اسپري ڪرائي چڪا آهيون، هڪ ڪروڙ 60 لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، وفاقي حڪومت ماڪڙ جي اسپري لاءِ هڪ جهاز ڏنو جيڪو خراب هو، اهو به هڪ ڳوٺ تي اسپري ڪري فرار ٿي ويو، وفاقي حڪومت ماڪڙ واري مسئلي تي سنڌ کي نظرانداز ڪيو 17 جهازن موجود آهن پر ٻڌايو ويو ته 14 جهاز خراب آهن رڳو 3 جهاز ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽماٽن جو فصل برساتن ۽ نقلي ٻجن سبب گهٽ ٿيو آهي، وفاق نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف ايڪشن کڻي ها ته هن وقت ٽماٽا مهانگا نه ٿين ها،ٽماٽا مهانگا ٿيڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، ٻين صوبن کان سنڌ صوبي ۾ ٽماٽا سستا ملي رهيا آهن، وفاقي ادارا صوبن سان ڪوبه تعاون نه پيا ڪن. اسماعيل راهو ناڻي واري وفاقي مشير جي ڪراچي ۾ 17 روپيا ڪلو ٽماٽا وڪرو ٿيڻ بابت ڏنل بيان تي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان ان ڏينهن کان اها منڊي ڳولي رهيا آهيون جٿي 17 روپيا ڪلو ٽماٽا ملن ٿا پر ڪٿي به ان قيمت ۾ نه مليا زراعت کاتي جا آفيسر به ان ڪم ۾ لڳايا آهن، موجوده حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آهي.


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019