IMG-LOGO


ڪراچي( 23 نومبر 2019) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون، ماحوليات و صاحلي ترقي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي مرضي کانسواءِ صوبن هڪ قطرو به اضافي پاڻي نه ملندو آهي. ڪراچي کي روزاني جي بنيادن 11 سوءُ ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، پاڻي جي قدر ڪندي ان کي ذميداري سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي جرمن نشرياتي ۽ مقامي اين جي او طرفان NATUR LOVE HUMAN LOVE جي عنوان سان سيمينار ۾ شريڪ ٿيندڙن سان خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ اطلاعات ۽ محنت کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سميت مختلف سماجي ، سياسي ۽ مذهبي شخصيتن کان علاوه ماحوليات جي ماهرن شرڪت ڪئي ۽ ماهراڻه راءِ جو اظهار ڪيو. قانون ۽ ساحلي ترقي واري صوبائي صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جو سيمينار سان خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. هن چيو ته ڪراچي کي روزاني جي بنيادن 11 سوءُ ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي. پاڻي جي قدر ڪندي ان کي ذميداري سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻي جي اهميت جو احساس ڪرڻو پوندو. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي مسئلو صرف صوبي جو نه پر سڀني جو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلن کي اسانجو ملڪ پڻ منهن ڏئي رهيو آهي اسانکي ان وڌندڙ مسئلي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هينڊآئوٽ نمبر...974


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019