IMG-LOGO


 

ورلڊ وومين فيشن انڊسٽري طرفان دي گلوريس لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ جي تقريب

ڪراچي( 23 نومبر 2019) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت کاتي وارو وزير سعيد غني ۽ وومين ڊولپمينٽ کاتي واري وزير سيده شهلا رضا 24 نومبر جي رات 8 وڳي آرٽس ڪائونسل ۾ ورلڊ وومين فيشن انڊسٽري پاران منعقد ڪيل گلوريس لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ جي تقريب ۾ مهان خاص هوندا. ورلڊ وومين فيشن انڊسٽري پاڪستان جي چيئرپرسن رخسار بٽ فيشن ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ باصلاحيت شخصيتن ۽ فنڪارن جي نه صرف حوصله افزائي ڪندي پر انهن کي تربيت جا موقعا پڻ فراهم ڪري رهي آهي. ان رنگارنگ تقريب ۾ ماڊلنگ، ايڪٽنگ، پروڊڪشن، فيشن، ڊزائيننگ ۽ فٽنيس جي حوالي سان ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊز ڏئي انهن جي خدمتن ۽ صلاحيتن کي سارهائڻ ۽ فن کي اجاگر ڪرڻ آهي. تقريب ۾ ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي نامور شخصيتن کي به ايوارڊ ڏنا ويندا.

هينڊآئوٽ نمبر... 975 ايڇ بي ايم


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019