IMG-LOGO


  • 23 نومبر 2019) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران نيازي جون ڳالهيون ٻڌي هن جي ڪيفيت تي پريشاني ٿيندي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پام آئل مان ڪٿان بجلي ٺهندي آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اهو وزيراعظم ٻڌائي ته پاڪستان ۾ هڪ نئون ايم ڪيو ايم باني عمران خان جي شڪل ۾ پيدا ٿيو آهي، هو به هڪ ڏينهن ڪجهه ته ٻئي ڏينهن ڪجهه چوندو هو، ساڳئي صورتحال هاڻي وزيراعظم عمران خان جي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي هڪ مقامي هوٽل منعقد ڪيل سيمينار ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سعيد غني چيو ته وزيراعظم پاڻ ئي چيو هو ته نواز شريف جي طبيعت خراب آهي، عمران نيازي به ايم ڪيو ايم جو باني وانگر هڪ ڏينهن ڪجهه ته ٻئي ڏينهن ڪجهه چوي ٿو. ساڳئي صورتحال وزيراعظم عمران نيازي جي آهي جو هي به بي مقصد ڳالهه ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي صفائي سٿرائي مهم هلي رهي آهي. ڪچري جي بيڪ لاگ مهم ذريعي ڪافي حد تائين ٺڪاڻو ڪيو ويو آهي. ان تي هروڀرو تنقيد ڪنهن کي به زيب نه ٿي ڏي. آصف علي زرداري جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري کي هن جو حق نه ٿو ڏنو وڃي هن کي ڪيتريون ئي بيماريون لاحق آهن. مختلف ڊاڪٽر هن سالن کان علاج ڪري رهيا آهن. حڪومت جي ميڊيڪل بورڊ ۾ آصف علي زرداري جا پنهنجا ڊاڪٽر شامل نه آهن. اسان ڪڏهن به جيلن ۽ عدالتن کان نه ڀڳا آهيون ۽ نه ئي ڊڄڻ وارا آهيون تنهنڪري اڳوڻي صدر جي صحت جي معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. حڪومت هوش سنڀالي ۽ اڳوڻي صدر کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري. آصف علي زرداري جي فيملي کي هن جي صحت کان متعلق خدشا آهن، حڪومت انهن کي دور ڪري. يوسف ٺيلي والي جي معاملي تي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان اشو تي ڪميٽي تحقيقات ڪري رهي آهي، ڳالهه سمجهه کان مٿانهون آهي يوسف ٺيلي والي سان هن جي ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي. پر الائي ڇو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سعيد غني چيو ته هي حڪومت رهي ته ڊالر 300 روپين تائين ٿي ويندو جيڪڏهن وزيراعظم اهو چوي ٿو ته ان سان ڊالر جو ذخيرو ڪرڻ شروع ڪندا سين، جيڪو قطعي طور تي غير مناسب بيان آهي.

هينڊآئوٽ نمبر... 976


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019