IMG-LOGO


 

 

سنڌ زڪوات فنڊز ۾ مبينه بي ضابطگين تي احتساب ڪرڻ جو فيصلو

زڪوات فنڊن مان امداد حاصل ڪندڙ ادارن جي آڊٽ ٿيندي: صوبائي وزير سهيل انور سيال

صوبائي وزير پاران زڪوات و عشر ڪميٽين کي زڪوات جي ورهاست جو رڪارڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

آفيسر مستحق ماڻهن جي ڊيٽا اپڊيٽ رکن، شڪايت ڪندڙن سان سهڪار ڪن:زڪوات و عشر کاتي وارو صوبائي وزير

ڪراچي( 24 نومبر 2019) سنڌ جي زڪوات و عشر ۽ اينٽي ڪرپشن ۽ آبپاشي کاتي واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ زڪوات فنڊن ۾ مبينه بي ضابطگيون ڪندڙن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، جڏهن ته زڪوات فنڊن مان امداد وٺندڙ ادارن جي آڊٽ ڪئي ويندي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي زڪوات و عشر ڪميٽيون زڪوات جي ورهاست جو رڪارڊ جوڙي پنهنجي رپورٽ پيش ڪن. صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته زڪوات فنڊن جي ورهاست جو رڪارڊ ، چيڪ ، رسيدون ۽ گهربل ڪارروائي جي رڪارڊ جيڪڏهن تضاد آيو ته ان کي مالي بيضابطگي تسليم ڪيو ويندو، جنهن تي قانوني ڪارروائي عمل آندي ويندي. جڏهن ته زڪوات فنڊز جي ورهاست جي حوالي سان موصول شده شڪايتن جي ازالي لاءِ آفيسر ۽ عملو شڪايت ڪندڙن سان سهڪار ڪن ۽ زڪوات ۽ عشر ڪميٽيون مستحقين زڪوات جو ڊيٽا اپڊيٽ ڪن. ان سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن آفيسرن ۽ عملي خلاف کاتي طرفان ڪارروائي ڪئي ويندي. زڪوات و عشر ۽ اينٽي ڪرپشن ۽ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته ضلعي ۽ مقامي زڪوات فنڊ مستحق ماڻهن تائين پهچي رهيو آهي ، ان جي پڻ آڊٽ ڪرائي ويندي. جڏهن ته زڪوات فنڊز جي ورهاست ۾ شفافيت کانسواءِ شڪايت جو ازالو ممڪن نه آهي، ۽ اهو ان صورت ۾ ممڪن ٿيندو جڏهن سموريون زڪوات ۽ عشر ڪميٽيون پنهنجا فرض ايمانداري ۽ ديانتداري سان سرانجام ڏين، ته جيئن مستحق ماڻهن تائين انهن کي حق وقت سر ملي سگهي.

هينڊآئوٽ نمبر... 978ايم ڪي


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019