IMG-LOGO


 

 

اسلام آباد ۾ انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ قانون سازي متعلق سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي تربيتي ورڪشاپ مڪمل ٿي وئي

سماجي تنظيم ايس ايس ڊي او پاران اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل ورڪشاپ ۾ 28 اسيمبلي جا ميمبر ۽ بيروڪريٽ شامل ٿيا.

اسلام آباد ( 24 نومبر 2019) نيشنل ايڪشن پلان تحت انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ قانون سازي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل 2 ڏينهن واري ڪانفرنس ختم ٿي چڪي آهي، ايس ايس ڊي او طرفان منعقد ڪرايل ورڪشاپ ۾ اسيمبلي جا ميمبر ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻن ڏينهن تي مشتمل ورڪشاپ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي معاشري ۾ سماجي ترقي، پائدار امن ۽ انتها پسندي جي خاتمي لاءِ قانون تي عمل ڪرائڻ خاطر ۽ اهڙي قانون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ اسيمبلي جي ميمبرن جي ڪردار جي حوالي سان تربيت ڏني وئي. ايس ايس ڊي او جي ڊائريڪٽر سيد ڪوثر عباس ورڪشاپ جي اختتام تي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ورڪشاپ جي انعقاد جو مقصد انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ بڻايل قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ موجوزه ترميمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. هن چيو ته ورڪشاپ کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبرن جي ذميواري آهي ته هو اسيمبلي ۾ انهن قانونن کي موثر بڻائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ايس ايس ڊي او جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ميمبر علي عمران جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هر زندگيءَ جي شعبي متعلق بهتر قانون موجود آهن، پر بدقسمتي سان انهن تي عمل نه ٿو ٿئي،جنهن جو بنيادي سبب وسيلن ۾ کوٽ آهي. بنيادي قانون موجب رولز ٺاهڻ ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ اسيمبلي جي ميمبرن جي ذميواري آهي، پنجاب اسيمبلي جي پارلياماني معاملن ۽ ريسرچ جي ڊائريڪٽر جنرل عنايت الله لائڪ ان موقعي تي اسيمبلي جي ميمبرن کي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ قانون تي عمل درآمد جو جائزو وٺڻ جي طريقي ڪار ۽ رولز بابت ۾ آگاهي فراهم ڪئي. هن چيو ته اسيمبلي کي ترغيب ڏني ته هو پنهنجي استحقاق جنهن ۾ اسيمبلي ۾ سوال ڪرڻ، تحريڪ استحقاق، تحريڪ التواء ۽ ٻين اختيارن کي انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ جائزو وٺڻ لاءِ استعمال ڪن. پنجاب حڪومت جي اڳوڻي ڊائريڪٽر لا سيد محسن عباس مقامي سطح تي انتها پسندي جي روڪٿام لاءِ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن جي رهنمائي ڪئي. ورڪشاپ جي اختتام تي شريڪ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.

هينڊآئوٽ نمبر... 979


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019