IMG-LOGO


 

فادر آف سي پيڪ آصف علي زرداري آھي

ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعوي ڪرڻ وارن جي دور ۾ ماڻھون بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رھيا آھن ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو

 

ڪراچي ( 24 نومبر 2019) سنڌ جي صنعت تجارت ۽ ڪوآپريٽو کاتي واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آھي ته ھڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھ لک گھر ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙن جي حڪومت ۾ بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري عوام خودڪشيون ڪري رھي آھي جيڪا حڪمرانن لاء فڪر جو لمحو آھي ـ اھا ڳالھ ھن اڄ اطلاعات واري وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ جي بيان تي سخت رد عمل جو اظھار ڪندي ڪئي ـ ھن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جا سليڪٽيڊ وزير اڻ ڄاڻ ٿي ڪم ڪري رھيا آھن ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي ياداشت شايد وڃائجي چڪي آھي ڪوئي ھن کي اھو ياد ڏياري ته فادر آف سي پيڪ آصف علي زرداري آھي ـ صوبائي وزير چيو ته ان وقت ھاڻوڪي وفاقي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو ھئي ـ ھن چيو ته سي پيڪ منصوبو 2013 جي دور ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري جو ڪارنامو ھيو ـ ھن چيو ته فردوس عاشق اھو ڪيئن وساري ڇڏيو ته مذڪورا منصوبي تي صحيون چيني صدر ۽ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ڪيون ھيون جڏھن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيني وزيراعظم سان گڏ پاڪ چين اقتصادي راھداري جي منصوبي جي مفاھمت جي يادشت نامي تي به پڻ صحيون ڪيون ھيون ۽ ٻنھي ملڪن ۾ سي پيڪ منصوبي کي شروع ڪرڻ جي تقريب 22 مئي 2013 دوران اسلام آباد ۾ ٿي ھئي ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نااھل سليڪٽيڊ حڪمران 16 مھينن جي دوران پاڻ ته ڪجھ ناھن ڪري سگھيا رھندوئي ٻين حڪومتن جا منصوبا پنھجي اڪاونٽ ۾ ڳڻائي رھيا آھن ـ صوبائي وزير چيو ته فادر آف سي پيڪ آصف علي زرداري کي علاج جون سھولتون مھيا ڪري نٿيون ڏنيون وڃن جنھن جي ڪري سنڌ جي عوام ھاڻ احساس ڪمتري ۾ آھي ته ڇا واقعي اسان ويڳا آھيون ـ ھن چيو ته سڳي کي علاج جون سھولتون ميسر ڪري ڏنيون ويون جڏھن ته ويڳو علاج نه ٿيڻ ڪري زندگي ۽ موت جي جنگ لڙي رھيو آھي ان دوران آصف علي زرداري کي ڪجھ ٿيو ته زميوار سليڪٽيڊ وزيراعظم ھوندو ـ ھن چيو ته حب الوطني جي نالي اڃان پيپلز پارٽي جي قيادت کان ڪيتريون قربانيون ۽ امتحان ورتا ويندا ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته نوجوانن جي نالي تي سياست ڪندڙن کي ڪير اھو ته ٻڌائي ملڪ جا 64 سيڪڙو نوجوان بيروزگار آھن ۽ انھن جي اعلانيل ھڪ ڪروڙ نوڪرين جو انتظار ڪري رھيا آھن جڏھن ته مھانگائي جو بم ڪيرائيندڙ ھاڻ ڪرنٽ اڪاونٽ خساري جو راڳ الاپي رھيا آھن ـ ھن چيو ته کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيون آھن عام ماڻھون سخت مشڪلاتن ۾ جڪڙجي چڪو آھي سليڪٽيڊ حڪمران ٿورو اندازو لڳائين انھن جي 16 مھينن جي حڪومت ۾ ڪيترن بيروزگارن ۽ غريب ماڻھن بيروزگاري ۽ حالات کان تنگ ٿي زندگين جو ڏيئو اجھايو آھي پاڪستاني عوام ڏينھن رات موجودا حڪومت جي خاتمي جون دعائون گھري رھي آھي ـ

 

هينڊآئوٽ نمبر 982 (ايم يو)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019