IMG-LOGO


 

ڪراچي ( 24 نومبر 2019) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون ، ماحوليات وساحلي ترقي واري صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عورتن کي زندگي سمورن شعبن ۾ مساوات جو نظريو پيپلز پارٽي ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن WOMEN ON WHEEL جي پروگرام ۾ بحيثيت مهمان خاص ڪندي ڪيو. هن چيو ته عورتن کي ڊرائيونگ ۽ رائيڊنگ جي ٽريننگ فراهم ڪري هنن کي خود مواصلاتي سهولت ڪار بڻائڻ جو سهرو به پوري پاڪستان ۾ سڀ کان پهريون سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو، ڇو ته ڪاليج ، يونيورسٽي، درسگاهن ۽ پنهنجي روزگار جي مقام تائين خود سفر ڪرڻ ۾ اسان جون ڇوڪريون ڪنهن جي محتاجي گوارا نه ڪري سگهنديون. هن چيو ته عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۾ وومين آن ويل هڪ اهم سنگ ميل آهي. جيڪو سنڌ ۾ عبور ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي توسط سان ان انقلابي پروگرام کي هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ جي يقين ڏياريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته وومين آن ويل پروگرام جي افاديت عمل پذير ٿيڻ بعد اسانجي سماج ۾ عورتن لاءِ آساني جو پيغام آڻيندي ۽ اسان جون نياڻيون خود اعتمادي سان گڏ زندگي جي سفر ۾ قدم وڌائي سگهنديون. هن چيو ته هنن نياڻين کي ٽريننگ ختم ڪرڻ بعد هنن جي ڊرائيونگ لائسنس جي اجراع لاءِ حڪومت طرفان مدد ڪئي ويندي. ۽ منهنجي ڀرپور ڪوشش هوندي ته سمورين نياڻين کي مفت لائسنس جاري ڪيا وڃن ۽ هي حڪومت سنڌ طرفان نياڻين لاءِ هڪ ننڍڙو تحفو هوندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ جمهوري سوچ رکڻ واري سياسي جماعت آهي. جنهن ۾ رنگ ، نسل ، مذهب ، عقيده ۽ جنس ۾ ڪو به فرق نه آهي ۽ ان جا عملي مثال اڄوڪي تاريخ تائين موجود آهن.. اسان جي پارٽي 30 سال پهريان هڪ عورت کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ منتخب ڪيو هو جيڪا عالم اسلام جي عورت وزيراعظم بڻي هئي. هن چيو ته محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو ته منهنجي ملڪ جي عورت با اختيار بڻجي اسان ان خواب جي عملي تعبير کي سچ بڻائڻ ۾ پنهنجي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان کي خوشحال پاڪستان چاهيون ٿا.

 

 

هينڊآئوٽ نمبر 983 (ايم آئي زيڊ)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019