IMG-LOGO


 

غير نصابي سرگرميون خصوصي ٻارن جي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ مدد ڏيندي آهي: سيد قاسم نويد قمر

ڪراچي ( 24 نومبر 2019) وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي ماڻهن جي بحاليءَ واري کاتي جي صلاحڪار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته غير نصابي سرگرميون تمام ضروري آهن ڇو ته هو اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا ۽ اسان ان سلسلي ۾ هنن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اولمپڪ پاڪستان جي زير انتظام هڪ مقامي هوٽل ۾ ” فٽ فار پاڪستان“ جي تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيئرپرسن رونق اقبال لاکاڻي، سي اي او منيره لاکاڻي ۽ مينيجر ڊولپمينٽ اينڊ اسٽريٽجي تهمينه عظيم پڻ موجود هيون. سيد قاسم نويد قمر مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو ۽ خصوصي ٻارن جي جوش ۽ جذبي کي سارهايو. جن ان تقريب ۾ حصو ورتو. هن وڌيڪ چيو ته ” خصوصي ٻارن کي ان تقريب ۾ جوش ۽ جذبي کي حصو وٺندي واقعي حيرت انگيز ۽ خوشگوار آهي ۽ جيڪڏهن اسان هنن جي حوصله افزائي ڪندار رهندا سين ته اسان کي بهتر نتيجا ملي سگهندا ۽ خصوصي ٻار پڻ پاڻ اڳتي وڌي سگهن ٿا. سيد قاسم نويد قمر چيو ته خصوصي ٻارن کي وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا پروگرام مستقل بنيادن تي ٿيڻ گهرجن. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي خصوصي ماڻهن ۽ ٻارن جي بهتري جي نيڪ مقصد لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي درخواست ڪئي. سيد قاسم نويد قمر چيو ته اسان جي کاتي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ خصوصي ٻارن جي فلاح ۽ بهبود ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ سنڌ حڪومت انهن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن ۽ خصوصي ٻارن جي بهتري جو عمل هڪ مستقل عمل آهي ۽ اسان صحيح ڊائريڪشن طرف گامزن رهندا سين.

 

هينڊآئوٽ نمبر 984 (ايم يو )


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019