IMG-LOGO


 

 

  • (24 نومبر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن ناروي جي حڪومت فوري طور تي ڪارروائي نه ڪئي ته ان ملڪ جو تجارتي بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن. ترقي يافته ملڪن اظهارراءِ جي آزادي جي نالي تي ذهني مريضن طرفان اهڙي قسم جون اشتعال انگيز ناقابل برداشت آهي. سمورن اسلامي ملڪن کي حڪومتي سطح تي ان خلاف گڌيل طور تي لائحه عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي ايڊمنسٽريشن سوسائيٽي ۾ محفل ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب کي مولانا تنويرالحق ٿانوي ، سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه ڪراچي ايڊمن ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ خالد نور، وائيس چيئرمين ڪاشف شيخ ڪراچي ايڊمن ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سيڪريٽري احمد علي ، انيس باڙي، صبور احمد ، سعد اختر، فيضان تقي ، سعد سليم ، شيخ زبير نور ، سعد ظفر، سلمان مجاهد بلوچ ، پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار، حسام شمسي، اقبال ساند، اقبال يوسف ، شهزاد ميمڻ ، ڊي ايس پي ملير فيصل خان ۽ ايس ايڇ او ٽيپو سلطان ، شعيب خان سميت مختلف زندگي جي شعبن سان لاڳاپيل معزز ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ناروي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف ڪراچي جي ايڊمنسٽريشن سوسائٽي ۾ محفل ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم دوران هڪ منٽ جي خاموشي ۽ شديد احتجاج ڪيو ويو. صوبائي وزير سعيد غني تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪوشش جي مزاحمت ڪندڙ مسلم نوجوان جي جرائت ۽ همٿ کي سارهائيندي هن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. تقريب سان خطاب ڪندي مفتي عبدالوارث قادري اشرفي سيرت النبي صلي الله عليه وسلم جي مختلف پهلوئن کي بيان ڪيو ۽ بالخصوص عملي زندگي ۾ سيرت طيبه مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مولانا تنويرالحق ٿانوي اظهار خيال ڪندي چيو ته حضور صلي الله عليه وسلم کي الله تعاليٰ هڪ جاهل معاشري ۾ مبعوث فرمايو، جنهن سان اڄ جي دور ۾ هي سبق ملي ٿو ته اسانکي پنهنجي عملي صلاحيتن جو حساب اهڙن علائقن ۾ ڪرڻ گهرجي جتي ضرورت وڌيڪ هجي. ڪراچي ايڊمن ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ خالد نون، وائيس چيئرمين ڪاشف شيخ ۽ سوسائٽي جي سيڪريٽري احمد علي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ناقابل برداشت آهي،.هن تاجر برادري کي پڻ اپيل ڪئي ته هو ناروي جو تجارتي بائيڪاٽ ڪن. ان کان اڳ سالياني محفل ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو باقاعده آغاز تلاوت قرآن مجيد سان ڪيو ويو. ان بعد قاري شفيق، خاور نقشبندي، حافظ عبدالرحيم ۽ محسن قادري سميت ممتاز ثناءَ خوان بارگاهه رسالت صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ عقيدت جو نظرانو پيش ڪيو. ڪراچي ايڊمن ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين ڪاشف شيخ تقريب کي ڪامياب بڻائڻ تي سمورن محفل ۾ شريڪ ٿيندڙن بالخصوص ايسو سيئيشن جي چيئرمين شيخ خالد نور، سعد اختر، فيضان تقي ، سعد سليم ، شيخ زبير ۽ سعد ظفر جو شڪريو ادا ڪيو. پير مرزا شاهد بيگ دعا ڪرائي جنهن کانپوءِ هي بابرڪت محفل ميلاد البني صلي الله عليه وسلم اختتام پذير ٿي ، شريڪ ٿيندڙن ۾ ننگر جو پڻ احتتام ڪيو ويو.

هينڊآئوٽ نمبر 986


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019