IMG-LOGO


سنڌ حڪومت ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاق کان وڌيڪ 3 جهاز ۽ 32 گاڏيون گهري ورتيون.

ماڪڙ سنڌ ۾ فصلن کي وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿي،چار ڊويزنن جي سڀني ضلعن لاءِ فورن 8،8 گاڏيون اسپري لاءِ ڏنيون وڃن.اسماعيل راهو جو وفاق کي خط

وفاق پاران خيرپور، نارو، صالح پٽ ۽ شهيد بينظيرآباد ۾اسپري لاءِ موڪليل جهاز خراب بيٺو آهي.اسماعيل راهو جو وفاق کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاق کان وڌيڪ 3 جهاز ۽ 32 گاڏيون گهري ورتيون. سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وفاق کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ جي چار ڊويزن ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ماڪڙ وڌي پئي،هڪ جهازسان چئني ڊويزن جي تمام ضلعن ۾ اسپري ممڪن ناهي، وڌيڪ 3 جهاز ۽ 32 گاڏيون فراهم ڪيون وڃن، سنڌ کي جيڪو جهاز ڏنو ويو آهي اهو به هڪ ڏينهن ۾ خراب ٿي ويو. اسماعيل راهو وڌيڪ خط ۾ چيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري واريون دوائون ٻاهران گهرائڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، وفاق ماڪڙ جي خاتمي لاءِ فوري سنڌ جي مدد نه ڪئي ته فصلن کي نقصان ٿي سگهي ٿو، چئني ڊويزن جي سڀني ضلعن لاءِ الڳ 8. 8 گاڏيون ڏنيون وڃن ته جيئن ماڪڙ جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته وفاق سنڌ حڪومت جي ڪابه مدد نه پيو ڪري، گذريل سال سنڌ ۾ فصلن کي نقصان رسيو هو جنهن جي لاءِ زرعي قرض معاف ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط لکيو پر ڪوبه جواب نه مليو،سنڌ حڪومت پهريان ئي ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 33 ڪروڙ روپيا مختص ڪري چڪي آهي، سنڌ جا فنڊ وفاق روڪي ڇڏيا آهن،ڪيترن ئي ضلعن ۾ سنڌ حڪومت اسپري ڪرايو آهي پر اڃا به ماڪڙ موجود آهي. هن چيو ته شهيد بينظيرآباد، خيرپور، صالح پٽ، نارو ۾ اسپري لاءِ موڪليل جهاز به خراب بيٺو آهي، وفاقي حڪومت صحرائي علائقن ۾ اسپري لاءِ سنڌ حڪومت کي وڌيڪ 3 جهاز فراهم ڪري،ماڪڙ جي خاتمي وفاق تڪڙا قدم نه کنيا ايندڙ سال ماڪڙ فصلن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، وفاق سنڌ کي خراب جهاز ڏنو آهي سهي جهاز پنجاب ۾ بيهاري ڇڏيا آهن متان ماڪڙ نه اچي وڃي.


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019