IMG-LOGO


طورخم بارڊر کان سفر ڪندڙ ڪلاسڪ گاڏين جو ڪاروان ڪراچي پهچي ويو

  • 30 نومبر 2019) هيرٽيج موٽرنگ ڪلب آف پاڪستان تحت شروع ٿيندڙ 10 هين سالياني ڪار ريلي 2019 جنهن پنهنجي شروعات طور خم بارڊر کان 22 نومبر 2019 کان ڪيو هو. جيڪو ڪراچي پهچي ويو. ڪار ريلي جي ميمبرن جو مزار قائد پهچڻ تي ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي استقبال ڪيو. ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي ان موقعي تي ريلي ۾ شامل ڪلاسڪ گاڏين جو معائنو پڻ ڪيو. هيرٽيج موٽرنگ ڪلب جي صدر ڪمشنر ڪراچي کي ريلي ۾ شامل ڪلاسڪ گاڏين متعلق تفصيل سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته هن ڪلاسڪ ڪار ريلي جو مقصد محض گاڏيون هلائڻ يا انهن جي نمائش ڪرڻ ئي مقصد نه هو پر ان ريلي جو اصل مقصد پوري دنيا ۾ پاڪستان ۾ هڪ سافٽ اميج پيش ڪرڻو هو. ريلي ۾ شامل گاڏين مان سڀ کان پراڻي گاڏي 1934 جي هئي. ان کان علاوه پراڻي ماڊلز جي مرسڊيز روز رائيز، امريڪن شيورليٽ ۽ ٻيون گاڏيون شامل هيون. گذريل 10 سالن کان هيرٽيج موٽرنگ ڪلب آف پاڪستان پراڻين گاڏين جي وراثت ذريعي پاڪستان جي ورثي کي سموري دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهن. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته ريلي دوران پاڪستان جي سمورن حصن مان جتان جتان هي ريلي گذري اتان جي ماڻهن جي پيار ۽ محبت اسانکي ٿڪاوٽ جو احساس ڪرڻ نه ڏنو. ڪمشنر ڪراچي سمورين گاڏين جو معائنو ۽ انهن جي بيحد تعريف ڪئي. ان کان پوءِ ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي ڪلاسڪ ڪار ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن سان مزار قائد تي حاضري ڏني ۽ گلن جو گلدستو پيش ڪيو ۽ فاتح خواني ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران ڪراچي ڪمشنر کي ڪيپ ۽ ٻيا تحفا پيش ڪيا ويا.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر 1006


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019