IMG-LOGO


ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزيراسماعيل راهو ايم ڪيو ايم،جي ڊي اي ۽ پي ٽي آئي جي اڳواڻن جي وزيراعظم سان ملاقات کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو. اسماعيل راهو وزيراعظم سان اتحادين جي ملاقات تي ردعمل ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام پاران رد ڪيل سياسي ٽولو وزيراعظم وٽ سنڌ جي ڀلائي لاءِ نه پر سنڌ جي عوام جي مئنڊيٽ جي خلاف سازش ڪرڻ ويو هو. ڇا پي ٽي آئي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وارا سنڌ لاءِ ترقياتي منصوبا وٺي آيا، وفاقي حڪومت ناڪام گروهه سان گڏجي سنڌ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي پئي، هن چيو ته سنڌ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي نيازي حڪومت جي ديرينا خواهش آهي. اسماعيل راهو حڪومتي اتحادين کان سوال ڪيو ته حڪومت جا اتحادي عوام کي ٻڌائن ته عمران خان انهن کي سنڌ لاءِ ڇا ڏنو؟،ڇا جي ڊي اي وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي تقسيم خلاف پيش ڪيل بل تي ڳالهايو؟،ڇا ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي وزيراعظم کان ماڪڙ جي خاتمي لاءِ وفاق پاران ڀرپور قدم نه کڻڻ تي ڪا ڳالهه ڪئي. هن چيو ته هن وقت به سنڌ جا 10 ضلعا ماڪڙ جي لپيٽ ۾ آهن، پر ان ٽولي کي سنڌ جي هارين ۽ زميندارن جو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو،جيڪڏهن ويا ئي هئا ته 2 يا 4 جهاز تيل ۽ اسپري واري دوائن جو سامان گڏ کڻي اچن ها. وزيراعظم وٽ ملاقات لاءِ ويل سياسي يتيم سنڌ جي لاءِ نه پر پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ عرضي کڻي ويا هئا، وفاقي حڪومت ڪنهن بيسهارا سياسي ٽولي جي خواهش تي جيڪڏهن سنڌ جي مينڊيٽ جي خلاف ڪا سازش رچائي ته ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو، سنڌ جو عوام اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019