IMG-LOGO


ايم ڪيو ايم بار بار نئين صوبي جو مطالبو ڪري سنڌ ۾ جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿي.پي پي پي اڳواڻ اسماعيل راهو

ڇا پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي وارا به ايم ڪيو ايم جي ان سازش جو حصو آهن؟اسماعيل راهو

بهادر آباد تائين محدود جماعت صوبو تقسيم ڪرڻ وارو بل قومي اسمبلي مان واپس وٺي ۽ سنڌ جي عوام کان معافي وٺي. صوبائي وزير اسماعيل راهو

ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي جماعت کي تقسيم ٿيڻ کان بچائن ڇو جو وڌيڪ هڪ ٻيو گروپ فروغ نسيم جي سربراهي ۾ بڻجڻ وارو آهي،اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بار بار نئين صوبي جو مطالبو ڪري سنڌ ۾ جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿي. اسماعيل راهو ايم ڪيو ايم پاران قومي اسمبلي ۾ نئين صوبي جو بل پيش ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي وڌيڪ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايم ڪيوايم جي ان حرڪت جي مذمت ڪيون ٿا، ايم ڪيو ايم پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ بار بار تقسيم جي ڳالهه ڪري پئي، بهادر آباد تائين محدود جماعت صوبو تقسيم ڪرڻ وارو بل قومي اسمبلي مان واپس وٺي ۽ سنڌ جي عوام کان معافي وٺي نه ته سنڌ جو عوام انهن کي معاف نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ جهڙي طرح ٻاهران آيلن کي پناهه ڏني ان جو مطلب هرگزاهو ناهي ته ٻاهران آيل ڪير به ان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري.صوبائي وزير ايم ڪيو ايم وارن کي مشورو ڏيندي چيو ته اهي سنڌ جو ورهاڱو ڇڏي ڏين، پنهنجي جماعت کي وڌيڪ تقسيم ٿيڻ کان بچائن ڇو جو وڌيڪ هڪ ٻيو گروپ فروغ نسيم جي سربراهي ۾ بڻجڻ وارو آهي،سنڌ جي تقسيم واري ڳالهه تي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي وارن جي خاموشي افسوس ناڪ آهي، ڇا پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي به ان سازش جو حصو آهن؟ اسماعيل راهو چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻ به لندن مان ايندڙ اشارن تي هلي رهي آهي، جڏهن به رموٽ جو بٽڻ لنڊن مان آن ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وارا نچڻ شروع ڪن ٿا.


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019