IMG-LOGO


 

.

ڪراچي( 14 ڊسمبر 2019) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي ورهاست ڪرڻ جي هڪ دفعو ٻيهر سازش قومي اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرائي شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان لاءِ آءُ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۽ ان جي حمايتي جماعتن کان سوال ڪريان ٿو ته هو پنهنجو موقف عوام جي سامهون واضح ڪن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري جي ضمانت جي عدالتي فيصلي ۾ واضح طور تي ججن لکيو آهي ته ڪنهن به شخص تي الزام ثابت نه ٿيڻ کان اڳ جيل ۾ رکڻ قانون ئي نه آهي، ان ڪري هن تي ڪنهن ڊيل جو تاثر ڏيڻ حماقت کان گهٽ نه آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي اڄ تائين ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪو فيصلو ٿيو آهي. جڏهن ته هن طرفان چيف سيڪريٽري ٻن آفيسرن جي حوالي سان لکيل خط ۾ اسان کي شديد تحفظات آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي نائب صدر راشد رباني ، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، نائب صدر ڪراچي سردار خان ۽ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪراچي آصف خان ، اقبال ساند، لالا رحيم ۽ ٻيا پارٽي جا رهنما موجود هئا. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان صوبن جي ورهاست جو بل پيش ڪيو ويو آهي ، اسانکي يقين آهي ته اهو بل ڪنهن به صورت نه ته قومي اسيمبلي کان منظور ٿيندو ۽ نه ئي سينيٽ يا صوبائي اسيمبلي مان منظور ٿيندو. هن چيو ته اهڙي قسم جا بل ايم ڪيو ايم ماضي ۾ به سنڌ جي عوام کي تقسيم ڪرڻ لاءِ آندا ويا آهن پر سنڌ سميت سموري ملڪ جو عوام سنڌ ۾ صوبي جي ورهاست خلاف آهي. سعيد غني چيو ته اڄ مان حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۽ ان جي حامي جماعتن کان سوال ڪريان ٿو ته هن حوالي سان پنهنجو واضح موقف عوام جي سامهون پيش ڪن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ دشمني جي سياست هميشه کان ڪندي آئي آهي ۽ نفرت جي سياست کي پروان چڙهائڻ لاءِ اهڙي قسم جي سازش ڪندي رهي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته هن وقت آئي جي سنڌ طرفان چيف سيڪريٽري کي ٻن آفيسرن بابت خط جي اسان کي موڪلڻ کان پهريان عوام تائين خبر پهتي ، پر افسوس هن خط کي اسان کان پهريان ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچايو ويو ۽ هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي وچ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪشيدگي آهي. سعيد غني چيو ته جن ٻن آفيسرن جون خدمتون سنڌ حڪومت وفاق کي واپس ڪري رهي آهي، ان جي درخواست وفاق طرفان سنڌ حڪومت کي موصول ٿي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان تحت انهن ٻنهي آفيسرن جون خدمتون وفاق کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان مان هڪ آفيسر خادم رند جي حوالي سان آءِ جي سنڌ هڪ سال اڳ نومبر 2018 ۾ سنڌ حڪومت کي پاڻ لکيو هو ته هن جي خدمتن جي اسان کي ضرورت نه آهي ان لاءِ هن کي واپس ڪيو وڃي ۽ هاڻي چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته هن کي هڪ اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جنهن تي هو ڪم ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان کي هاڻي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته آءِ جي سنڌ ڪنهن جي اشارن تي اهڙي قسم جا خط لکي ڪري سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي تماشو بڻائي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي ٻئي آفيسر وفاقي حڪومت طرفان خدمتون واپس وٺڻ لاءِ واپس ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته آءِ جي سنڌ جي بدلي جي حوالي سان هن چيو ته اڄ جڏهن مان هي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان ته هن وقت تائين هن جي بدلي جي حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير چيو ته اسان عمران نيازي جي نالائقي ۽ نا اهل حرڪتن کان خوفزده نه آهيون ۽ اسان جي ماتحت هڪ آفيسر کان ڇو خوفزده ٿيندا سين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شيخ رشيد جي ڳالهين کي نه اسان ٻڌندا آهيون ۽ نه ئي هن جي ڪنهن ڳالهه کي ڪنهن به قسم جي اهميت ڏيندا آهيون. آصف علي زرداري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هوگذريل ڏينهن ڪراچي پهتو آهي ۽ هن جو ڪراچي جي اسپتال ۾ ئي علاج ٿيندو. انشاء الله هو جلد صحتياب ٿي ڪري ٻيهر سياست ۾ ايندو ۽ هو علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي.

هينڊ آئوٽ نمبر 1040


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019