IMG-LOGO


 

صوبي جي سمورن مزدورن جي ٻارن کي تعليم يافته بڻائڻ جي مشن ۾ حقيقي غير سرڪاري تنظيمن جي سهڪار جي ڀرپور ضرورت آهي: اطلاعات کاتي وارو صوبائي وزير سعيد غني

.

ڪراچي(15 ڊسمبر 2019) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ حقيقي غير سرڪاري تنظيمن جي سهڪار جي ضرورت آهي ته جيئن صوبي ۾ موجود سمورن مزدورن جي ٻارن کي تعليم يافته بڻايو وڃي. اطلاعات ۽ ليبرکاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ڇنڇر جي رات آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻارن جي ميلي ۾ انٽر اسڪول مقابلن جي اختتامي تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي قيام جي سلور جوبلي جي سلسلي ۾ ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ان موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت سوشل سيڪيورٽي جي نظام کي سموري صوبي ۾ عام ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تحت سمورن مزدورن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي لازمي هوندي. هن چيو ته هي هڪ وڏي چيلينج هوندي جنهن لاءِ صوبائي حڪومت کي گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جهڙي تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ حقيقي غير سرڪاري تنظيمن جو ڀرپور سهڪار گهرجي. اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته مزدورن جي ٻارن کي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا وسيلا ۽ سرمايو فراهم ڪندي ۽ غير سرڪاري تنظيمن کي حڪومت سان ملي ڪري ان مشن کي مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي غير سرڪاري تنظيمن سان گڏ سهڪار ڪري ان انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض نه هوندو. سعيد غني چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ جيڪي ماڻهو پنهجو وقت ، سرمايو ۽ وسيلا ڪتب آڻي تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ رياست جي بنيادي ذميدارين مان هڪ ذميواري نڀائي رهيا هوندا آهن، وقت جي حڪومت جو فرض آهي ته انهن جي مدد ڪئي وڃي. ان حوالي سان گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ کي سنڌ جي ٻارن کي تعليم يافيه بڻائڻ واري مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ جنهن قسم جي سهڪار جي ضرورت هوندي سنڌ حڪومت ان ۾ اڳتي وڌي ڪري سهڪار ڪندي. هن گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ پاران تعليم جي شعبي ۾ ڪيل ڪوششن کي سارهايو ۽ چيو ته حڪومت کي اهڙن غير سرڪاري تنظيمن جي ڪم جي هر وقت ضرورت رهندي آهي. هن چيو ته ٻارن کي تعليم جي فراهمي کي يقيني ٻڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو ۽ ان حوالي سان جيتري به ڪوشش ڪئي وڃي گهٽ آهي. تقريب سان خطاب ڪندي گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي سي اي او زاهد سعيد پاران موجوده حڪومت تي زور ڀريو ته ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن جي وڌندڙ تعداد ان جهڙي ٻين مسئلن سان نمٽڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي جو نفاذ عمل ۾ آندو وڃي. هن چيو ته هي ڳالهه درست آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي نفاذ کانپوءِ تعليم جو شعبو وفاق کان صوبن کي منتقل ٿي ويو آهي. هن چيو ته جي سي ٽي پنهنجي تعليمي سفر جي شروعات 25 سال پهريان ڪراچي جي ضلعي غربي جي ڏورانهين علائقي ۾ پنهنجو پهريون اسڪول قائم ڪري ڪيو، ان اسڪول ۾ 50 شاگرد ۽ هڪ استاد هو. هن چيو ته جي سي ٽي انهن علائقن ۾ اسڪول قائم ڪيا جن علائقن ۾ نه سرڪاري ۽ نه ئي وري پرائيويٽ اسڪول هئا. هن چيو ته اسان اميد ظاهر ڪيون ٿا ته سنڌ جي تعليمي نظام جي حوالي سان ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن کي گڏيل طور تي ڪنسوشيم جو قيام عمل ۾ آڻي ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪاوشون ڪيون وڃن. تقريب سان ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، وائيس ايڊمرل ريٽائرڊ عارف الله حسيني ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه پڻ خطاب ڪيو ۽ گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي 25 سالن جي خدمتن کي سارهايو ويو. ان بعد گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي سي اي او زاهد سعيد ، سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني پاران ٻارن جي ميلي ۽ انٽر اسڪول مقابلن جي اختتامي تقريب جي موقعي تي شيلڊ پيش ڪئي.

هينڊ آئوٽ نمبر 1042


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019