IMG-LOGO


 

آئين پاڪستان تحت بجلي جي شعبي جي وفاقي ادارن ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي: صوبائي وزير امتياز احمد شيخ

سنڌ جي توانائي کاتي واري وزير امتياز احمد شيخ پاران تواني جي وفاقي وزير عمر ايوب خان کي خط لکيو ويو

 

ڪراچي(22 ڊسمبر 2019( سنڌ جي توانائي کاتي واري وزير امتياز احمد شيخ پاران توانائي کاتي جي وفاقي وزير عمر ايوب خان کي ڪالهه پنهنجي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي شعبي ۾ موجود سمورن وفاقي ادران جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، بورڊ آف گورنرز يا مينجمينٽ ڪميٽين ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي. هن پنهنجي خط ۾ توانائي کاتي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ لکيو آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين جي آرٽيڪل (1) 154 کي فيڊرل ليجسليٽو لسٽ ٻئي جي انٽري نمبر 4 سان گڏ پڙهڻ سان هي واضح آهي ته بجلي جي وفاقي ادارن جي پاليسي سازي، نگراني ۽ ڪنٽرول جو اختيار گڏيل مفادات جي ڪائونسل (CCI ) کي حاصل آهي ۽ اهڙي ريت گڏيل مفادات جي ڪائونسل کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو صوبائي حڪومتن جي سفارشات تي بجلي جي وفاقي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، بورڊ آف گورنرز يا مينجمينٽ ڪميٽين جي ميمبرن جي مقرري ڪري سگهن. جڏهن ته اهو ضروري آهي ته آئين پاڪستان جي واضح شقن جي روشني ۾ بجلي جي وفاقي ادارن ۾ صوبائي حڪومتن جي نمائندگن جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي. توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ فوري ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

هينڊ آئوٽ نمبر 1075 ايس اي اين


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019