IMG-LOGO


سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ منعقد ڪيل کليل ڪچهرين ۾ هزارين ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ويا چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سرڪاري آفيسرن سان سڌي رابطي ماڻهن کي رليف ڏيارڻ ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ کليون ڪچهريون انتهائي موثر ذريعو آهن: سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جون علي هائوس ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ويا ڪراچي(25 ڊسمبر 2019( سنڌ جي بلديات، ٻيلي کاتي، مذهبي معاملن ۽ ايريا هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ منعقد ڪيل کليل ڪچهرين ۾ هزارين ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ويا ۽ ڪيتريون ئي درخواستون وصول ڪيون ويون ۽ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلديات وارو سيڪريٽري روشن علي شيخ پڻ موجود هو. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سرڪاري آفيسرن سان سڌي رابطن، ماڻهن کي رليف جي فراهمي ۽ مشڪل مسئلن جي حل لاءِ کليون ڪچهريون انتهائي موثر ذريعو هونديون آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت آهي ته ماڻهن جا مسئلا انهن جي چائنٺ تي حل ڪيا وڃن ان نظرئي تحت سنڌ جي صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن هر ضلعي ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ترت اپاءُ ورتا آهن بلاول ڀٽو زرداري پاران عوام سان رابطا وڌائڻ لاٰ ڏنل هدايتن جي روشني ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ وارين ڪوششن کي عام ماڻهن پاران ساراهيو ويو آهي ۽ سندن خيال هو ته کين سندن درخواستن جي سلسلي ۾ ڏورانهون سفر ڪرڻو پوندو آهي پر کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ سان اسان کي پنهنجن ئي ضلعن ۾ ون ونڊو آپريشن وانگر هڪئي جاءِ تي وزيرن، صلاحڪارن، ضلعي انتظاميا ۽ مختلف سرڪاري ادارن جتي آفيسرن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ ۽ سندن مسئلا انهن جي چانئٺ تي حل ڪرڻ لاءِ آئنده پڻ ان قسم جون کليل ڪچهريون ڪوٺايون وينديون. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه شهيد بينظيرآباد ۾ کليل ڪچهري جي موقعي تي درخواستون ڏيندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته ڪن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون. هينڊ آئوٽ نمبر 1079 ايم ايس ايس


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019