IMG-LOGO


 

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک مستحقين جا نالا ڪڍڻ افسوسناڪ عمل ۽ غريبن سان ظلم جي انتھا آھي چيف جسٽس آف پاڪستان کي سوموٽو نوٽيس وٺڻ گھرجي ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو

 

شيخ رشيد جي نحوسيت حڪومت لاء خطرناڪ ثابت ٿي آھي

شيخ رشيد جو لاڙڪاڻي اچڻ جي اعلان تي سنڌ جو عوام بي چيني سان انتظار ڪري پئي وزير صنعت تجارت سنڌ

 

ڪراچي ( 25 ڊسمبر 2019)صنعت تجارت ۽ ڪوآپريٽو کاتي جي صوبائي وزير سنڌ ڄام اڪرام الله ڌاريجو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک مستحقين جا نالا ڪڍڻ واري فيصلي تي۔ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته غريب خاندانن جي ماڻھن جا نالا ڪڍڻ ھڪ ظالماڻو قدم آھي ظالمن کي پنھجو انجام ياد رکڻ گھرجي ـ اھا ڳالھ ھن اڄ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان گفتگو جي دوران ڪئي ـ صوبائي وزير چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جي نادان وزير پنھجي پارٽي جي لاء خواري بڻجي چڪا آھن ۽ تبديلي حڪومت جو ڀيانڪ چھرو پاڪستاني عوام سميت دنيا جي ملڪن جي سامھون آھي ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت اھو ھرگز نه وساري ته جيڪو ڪن پيا سڀاڻي کين اھو ڀوڳڻو ب آھي جڏھن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻھن جا نالا ڪڍڻ 8 لک خاندانن کي مشڪلاتن جي ور چاڙھڻ آھي چيف جسٽس آف پاڪستان کي ان جو سوموٽو نوٽيس وٺڻ گھرجي جڏھن ته عوام کي ڪروڙين نوڪريون ۽ لکين گھر ٺاھي ڏيڻ وارا ڪوڙا فريبي ۽ ڌوڪيباز ثابت ٿي چڪا آھن . ھوڏانھن صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وفاقي وزير شيخ رشيد جي خطاب تي رد عمل ظاھر ڪندي پنھجي بيان ۾ چيو ته آمرن جي جھولي ۾ پلجندڙن لاء لاڙڪاڻو ڪٿي مگر سنڌ جي عوام شيخ رشيد جو لاڙڪاڻي اچڻ جو بيچيني سان انتظار ڪري رھي آھي ـ ھن چيو ته پيپلز پارٽي قيادت راولپنڊي ۾ ملڪ ۽ عوام لاء پنھجي جانين جا نظرانا ڏنا ليڪن آمريت جي آڏو نه جھڪيا ملڪ ۽ جمھوريت جي لاء پيپلز پارٽي جون لازوال قربانيون ڪنھن جي تعارف جون محتاج ناھن ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پيپلز پارٽي ۽ قيادت تي تنقيد ڪندڙ شيخ رشيد خود آمريت جي پيداوار آھي شيخ رشيد جو استقبال گندن بيضن ۽ نازيبا الفاظن سان ٿي رھيو آھي جو شيخ رشيد جي زبان جو ردعمل آھي جڏھن ته ھو چڙھندڙ سج جو پوڄاري آھي ھو جنھن ب حڪومتي گاڏي ۾ سوار ٿيو آھي منحوسيت ان کي پنھجي گھيري ۾ آندو آھي اھو ريڪارڊ جو حصو آھي ان جي اھا منحوسيت ريلوي کي ته وڪوڙي چڪي آھي ليڪن سليڪٽيڊ حڪومت ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم جو پيڇو ب نه ٿي ڇڏي ـ

 

هينڊ آئوٽ نمبر 1080 ايم يو


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019