IMG-LOGO


وفاقي حڪومت صحافت جي آزادي تي حملو ڪري رهي آهي: سهيل انور سيال

پاڪستان پيپلز پارٽي صحافت ۽ صحافي جو ساٿ ڏي

صوبائي وزير طرفان ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد

ڪراچي(29 ڊسمبر 2019(سنڌ جي اينٽي ڪرپشن ، آبپاشي ۽ عشر وزڪوات واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته وفاقي حڪومت صحافت جي آزادي ، صحافت تي حملو آهي. نام نهاد وفاقي حڪومت ميڊيا جي آزادي کي صلب ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اظهار جي آزادي ۽ صحافت تي مڪمل طور تي يقين رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي صحافت پويان قرباني ۽ خدمتن جي ناقابل فراموش تاريخ آهي. ماضي ۾ صحافين آمريت خلاف آواز اٿارڻ تي ڪوڙا پڻ کاڌا.صوبائي وزير سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي بحالي جي سفر ۾ صحافت ۽ صحافي جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي صحافي برادري سان گڏ آهي.

 

هينڊ آئوٽ نمبر..... 1092 ايم ڪي


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019