IMG-LOGO


سنڌ حڪومت وفاق پاران صوبي کي تعليم لاءِ ٻين صوبن کان تمام گهٽ بجيٽ ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڏيو

وفاق پاران تعليم لاءِ سنڌ کي تمام گهٽ بجيٽ ملڻ ڪري هن وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار آهن.سنڌ حڪومت

شهيد بينظير ڀٽو يوينيورسٽي بينطِرآباد لاءِ 60 ڪروڙن مان هڪ روپيو به جاري نه ڪيو ويو،اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق پاران صوبي کي تعليم لاءِ ٻين صوبن کان تمام گهٽ بجيٽ ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاق پاران تعليم لاءِ سنڌ کي تمام گهٽ بجيٽ ملڻ ڪري هن وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار آهن.پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت هلندڙ سال تعليم لاءِ 37 ارب 96 ڪروڙ روپين جي 164 منصوبن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ سنڌ جا ٻين صوبن کان گهٽ 10 سيڪڙو به منصوبا شامل نه ڪيا ويا،وفاق ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي لاءِ 13 ڪروڙ مان صرف 9.8 ڪروڙ جاري ڪيا،ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي منظور ٿيل بجيٽ 20 ڪروڙن مان صرف 8 ڪروڙ جاري ڪيا ويا، ڪراچي يونيورسٽي جا به 25 ڪروڙن مان صرف 12.5 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو يوينيورسٽي بينطِرآباد لاءِ 60 ڪروڙن مان هڪ روپيو به جاري نه ڪيو ويو،صوبي کي گهٽ بجٽ ملڻ سبب ڪيتريون ئي يونيورسٽي پگهارون به نٿيون ڏئي سگهن. نيازي سرڪار پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي تعليم لاءِ وڌيڪ بجيٽ ڏئي سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، عمران خان جو صوبن سان هڪ جهڙو رويو رکڻ وارو دعوا به ڪوڙو ثابت نڪتو.اسماعيل راهو چيو ته وفاق جيستائين سنڌ کي حق نٿو ڏئي تيستائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، سنڌ جا حق به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي ڏنا پيا وڃن، نوڪريون به سنڌ جون ڪي پي ڪي ۽ پنجاب کي ڏنيون پيون وڃن، وفاق نٿو چاهي ته سنڌ جا نوجوان ٻين صوبن کان تعليم ۾ اڳتي وڌن، وفاق سنڌ کي به ٻين صوبن جيان پنهنجا حق ڏئي. ايم ڪيو ۽ جي ڊي به پنهنجون وزارتون بچائڻ جي چڪر ۾ سليڪٽيڊ اڳيان سنڌ کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.

 

 

 


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019