IMG-LOGO


 

 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عظيم الشان شخصيت جو حامل سرواڻ هو، اطلاعات ۽ پورهئي وارو وزير سعيد غني

ڀٽو جي فلسفي تي عمل ڪندي ملڪ کي عظيم کان عظيم بڻائي سگهجي ٿو، 92 هين سالگرهه جي ڏهاڙي تي پيغام

ڪراچي (04 جنوري 2020): سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلقڻهار ۽ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 هين ڄمڻ جي ڏهاڙي واري موقعي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلقڻهار جي يوم پيدائش تي ڏنل هڪ پيغام ۾ هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي ۽ نقطه نظر واري مشن جي پڄاڻي لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن جي پڄاڻي ۽ کيس خوابن کي ساڀيان ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي نظرياتي اڳواڻ جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هو هڪ وطن سان پيار ڪندڙ چٽي نقطه نظر وارو هڪ بهادر اڳواڻ هو جنهن سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ جمهوري روايتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. سعيد غني چيو ته پنهنجي عظيم اڳواڻ جي جدوجهد کي خراب تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي ته اسان ملڪي ترقي لاءِ کيس عظيم خيالن جي پوراءُ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪريون. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي صلاحيتون رکندڙ شخص هو ۽ هو سڀني سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو کيس ذات جي خوبين ۽ ڪارنامن جي فهرست تمام گهڻي آهي هو هڪ علائقي يا خاص نظرئي جو حامل نه بلڪه عالمگير شخصيت جو حامل شخص هو. اڄ اسان کيس ڄمڻ جو ڏينهن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهيا آهيون. شهيد ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشيا جي اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ويندو آهي. اڄ جو ڏينهن اسان کي اهو تاڪيد ٿو ڪري ته اسان کيس فلسفي تي عمل ڪندي ملڪ کي عظيم کان عظيم بڻائڻ لاءِ پنهنجين سڀني صلاحيتن کي ڪتب آڻيون.

هينڊآئوٽ نمبر..... 10


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019