IMG-LOGO


پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ جي هدايتن تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سنڌ حڪومت پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون ويون

شهرين پاران کليل ڪچهرين ۾ مسئلن ۽ آفيسرن خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر مهيني کليل ڪچهريون منعقد ڪندي، اسماعيل راهو

جيڪي آفيسر عوام جا مسئلا حل نه ڪندا انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.زراعت وارو وزير اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ جي هدايتن تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سنڌ حڪومت پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون ويون. گلشن معمار ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳايل کلي ڪچهري ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو سميت گلشن معمار جي انتظامي ۽ پوليس آفيسرن به شرڪت ڪئي. گلشن معمار، احسن آباد، گڏاپ ۽ ٻين علائقن جي شهرين پاران کلي ڪچهري ۾ مسئلن ۽ آفيسرن جي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.ان موقعي تي اسماعيل راهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر مهيني کليل ڪچهريون منعقد ڪندي، کليل ڪچهرين جو مقصد عوامي رابطن کي وڌائڻ آهي، آفيسر پنهنجي پنهنجي علائقن جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌن ۽ فوري حل ڪن، جيڪي آفيسر عوام جا مسئلا هل نه ڪندا انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.اهڙي طرح سچل ڳوٺ ۾ به بلديات واري وزير ناصر حساين شاهه کلي ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي ۽ عوماي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.ضلعي ملير ۾ به ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس شاهه کلي ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي جتي عوام قبضا مافيا متعلق شڪياتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جنهن تي اويس شاهه ضلعي پوليس کي آفيسر کي فوري ڀور تي قبضو ختم ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا. اهڙي طرح وزيراعلي سنڌ جي جيلن واري مشير اعجاز جکراڻي به ڪورنگي ۾ کلي ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقي واسين جا مسئلا ٻڌا.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019