IMG-LOGO


 

ڪراچي(04 جنوري 2020) سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيا ت ۽ پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي منشيات فروشن خلاف هلندڙ ڪارروائي ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات ڪراچي هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي. ان ڪارروائي ۾ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياقت آباد ويجهو منشيات فروش اسد الله جي قبضي مان هڪ ڪلو ۽ پنج گرام آئيس هٿ ڪئي . جوابدار خلاف مقدمو درج ڪري تفتيش شروع ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته آئيس جو نشو اسڪولن ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فراهم ڪيو ويندو آهي. ۽ ان نشي جي روڪٿام لاءِ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي هڪ خصوصي ٽاسڪ فورس پڻ قائم ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ايڪسائيز کاتي ڪراچي جي ڪامياب ڪارروائي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، سيڪريٽري ايڪسائيز و انسداد منشيات عبدالحليم شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي مبارڪباد ڏني. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا وڌيڪ چيو ته منشيات فروشي جي ڪڌي ڪم ۾ ملوث ماڻهن کي نه ڇڏيو ويندو ۽ منشيات فروشي خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر15 ايم يو


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019