IMG-LOGO


 

ڪراچي کي حب ڊيم سان 100 ايم جي ڊي پاڻي جي مڪمل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سپلائي سسٽم کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد طريقي تي نئين سر سڌاريو ويندو، مڪاني کاتي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه

مڪاني کاتي واري وزير جي صدارت هيٺ پاڻي جي رٿائن بابت اهم اجلاس، پاڻي جي لڳاتار فراهمي لاءِ نظام کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ تي غور ويچار

ڪراچي (5 جنوري 2020): مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي حب ڊيم سان 100 ايم جي ڊي پاڻي جي مڪمل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سپلاءِ سسٽم سميت سڀني ڪمپوننٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ تحت جديد طريقي سان نئين سر سڌاريو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏ پاڻي جي فراهمي جي مختلف رٿائن بابت ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت جي موقعي تي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ، مينيجنگ ڊائريڪٽر واٽر بورڊ اسدالله خان، چيف انجنيئر واٽر بورڊ ظفر پليجو، سپرنٽنڊنٽ انجنيئر سڪندر علي، ڊي جي پي پي پي يونٽ خالد شيخ ۽ سهيل عابد پڻ شريڪ هئا. بلديات واري وزير ان موقعي تي هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن جو سربراه ايم ڊي واٽر بورڊ هوندو جڏهن ته واٽر بورڊ جي ٻين عملدارن ۽ پي پي پي يونٽ جي ٻه ميمبر به ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ شامل هوندا. ڪميٽي سڀني معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي حتمي سفارش وزير بلديات کي پيش ڪندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حب ڊيم سان حب ڪينال جي ذريعي ڪراچي کي 100 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي پر حب ڪينال سميت سڄو سسٽم ٽٽل ۽ پراڻو ٿي چڪو آهي جنهن سبب ڪراچي تائين پاڻي پهچندي 50 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت 100 جي بجاءِ فقط 50 ايم جي ڊي پاڻي ڪراچي تائين پهچي سگهندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان سسٽم مان فائدو کڻندڙ علائقن کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو تنهن ڪري ضروري آهي ته سڄي سسٽم جي ڍانچي کي نئين سر سڌاريو وڃي. اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي جي لڳاتار فراهمي لاءِ واٽر بورڊ جي سڄي سسٽم کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ واري تجويز تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ مختلف پهلوئن سان جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جي نئين رٿائن بابت پڻ بحث ٿيو جڏهن ته پاڻي جي متبادل وسيلن ۽ پاڻي کي صاف ڪرڻ جي سلسلي ۾ مختلف پلانٽ لڳائڻ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

هينڊآئوٽ نمبر19 ايم ايس ايس


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019