IMG-LOGO


سنڌ حڪومت صوبي جي 7 ضلعن ۾ سبسڊي تي رائيس ٿريشر مشينون ڏيڻ ۽ سنڌ ويئر هائوس ريگيولراٿارٽي جي قيام جو فيصلو ڪري ورتو.

ٿريشر مشينون ٺٽو، بدين، سجاول ۽ لاڙڪاڻي جي 5 ضلعن ۾ ڏنيون وينديون. اسماعيل راهو

سنڌ ويئر هائوس ريگيولري اٿارٽي جي قيام جو به فيصلو،پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ منظوري ڏئي ڇڏي آهي،لاڳت 4 سوملين ايندي.اسماعيل راهو

سنڌ حڪومت ٿرپارڪر واسين کي گهرن ۾ سبزيون پوکڻ لاءِ 525 ڪچن گارڊن ٺاهي ڏنا آهن.محمد اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي 7 ضلعن ۾ سبسڊي تي رائيس ٿريشر مشينون ۽ سنڌ ويئر هائوس ريگيولراٿارٽي جي قيام جو فيصلو ڪري ورتو. سنڌ جي وزراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو اجلاس جي صدارت ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ستن ضلعن ۾ سبسڊي تي رائيس ٿريشر مشينون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آبادگارن کي درخواستون ڏيڻ جو چيوويو آهي، ٿريشر مشينون ٺٽو، بدين، سجاول ۽ لاڙڪاڻي جي 5 ضلعن ۾ ڏنيون وينديون.جنهن جي قيمت ساڍا پنج لک روپيا آهي، 50 فيصد آبادگار ۽ 50 فيصد حڪومت ادا ڪندي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ويئر هائوس ريگيولري اٿارٽي جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي لاڳت 4 سوملين خرچ ايندو، اٿارٽي جي قيام جو فائدو سنڌ جي آبادگارن کي ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ۾ سبسڊي تي 25 هزار کجين جي نئين نسل لاءِ پروگرام جي به منظوري ڏني آهي،زراعت کاتي کي صوبي ۾ 5500 سو واٽرڪورس ٺاهڻان هوندا آهن، جنهن مان 389 واٽر ڪورس ٺهي چڪا آهن. اسماعيل راهو چيو ته سانگهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ سنڌ حڪومت مرغي ۽ ٻڪرين جا فارم به ٺاهيندي ،زمين علائقي واسين جي هوندي 50 فيصد فارمر ۽ 50 فيصد حڪومت خرچ ڪندي، سنڌ حڪومت ٿرپارڪر واسين کي گهرن ۾ سبزيون پوکڻ لاءِ 525 ڪچن گارڊن ٺاهي ڏنا آهن، اڃا وڌيڪ به لڳايا ويندا. اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت آغا ظهيرالدين، ڊي جي زراعت، ايڊيشنل سيڪريٽري امداد حسين ميمڻ، ڊي جي واٽر مئنيجمنٽ ٺارومل دوداڻي، نديم شاه ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ منصوبن بابت بريفنگ ڏني.


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019