IMG-LOGO


سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙ دڪانن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

 

ايل پي جي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن هڪ هفتي اندر دڪان بند نه ڪيا ته سيل ڪيا ويندا. ٽرانسپورٽ وارو وزير اويس شاهه

 

آبادي ۾ ايل پي جي جا دڪان خطري جي گهنٽي آهن، سيل ڪيا وڃن:اويس شاهه

 

حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ به غيرقانوني طور ايل پي جي وڪرو ڪرڻ تي 4 دڪانن کي سيل ڪيا ويا آهن.صوبائي وزير

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور ايل پي گئس وڪرو ڪندڙ دڪانن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙ دڪانن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ريجنل سيڪريٽريز کي غيرقانوني دڪانن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.هن چيو ته غير قانوني ايل پي جي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن هڪ هفتي اندر دڪان بند نه ڪيا ته سيل ڪيا ويندا. حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ به غيرقانوني طور ايل پي جي وڪرو ڪرڻ تي 4 دڪان سيل ڪيا ويا آهن. اويس شاهه چيو ته آبادي وارن علائقن ۾ اهڙا دڪان هوندا ته اُنهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، شهري آبادي ۾ ايل پي جي گئس جا دڪان خطري جي گهنٽي آهن، اهڙو ڪو واقعو پيش آيو ته ذميوار حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جو ريجنل سيڪريٽري هوندا


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019