IMG-LOGO


مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ضلع ملير جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس، هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو، عوام جي سهولتن لاءِ ترقياتي رٿائن وارن ڪمن کي جلد اڪلائڻ جو فيصلو

چونڊيل نمائندا عوام جي ضرورت تحت ترقياتي رٿائن کي ترجيح ڏين، ٽن سو ڪروڙ رپين جي لاڳت سان بلدياتي اسڪيمن جي رفتار معيار سان ڄاڻايل وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي عملدارن کي هدايتون

ڪراچي (18 جنوي): صوبائي مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چونڊيل نمائندا عوام جي پريشانين، ڏکائين ۽ ضرورتن تحت ترقياتي اسڪيمن کي ترجيح ڏين ڇوته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آهن ته چونڊيل نمائندا پنهنجن پنهنجن حلقن ۾ عوام سان ڪيل وعدن کي پاڙين ۽ پاڻ دلچسپي وٺي هلندڙ ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪن. انهي وزن تحت سمورا نمائندا پنهنجي صوبي ۽ شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلع ملير جي چونڊيل نمائندن سان صوبائي ترقياتي اسڪيمن (لوڪل گورنمنٽ پورٽ فوليو) تحت ڊسٽرڪٽ ملير جي ترقياتي اسڪيمن بابت ڪوٺايل جائزه اجلاس جي جي صدارت واري موقعي تي ڪيو. اجلاس ۾ ڪچي آبادي ۽ انساني بستين وارو وازير مرتضيٰ بلوچ، قومي اسيمبلي جو ميمبر رفيع الله، پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سليم بلوچ، چيئرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪونسل ڪراچي مراد بلوچ، جان عالم ڄاموٽ، اسرار خان، راجا رياض، مير عباس، اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ سنڌ سيد محمد طحٰه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪونسل ڪراچي مسرور ميمڻ پڻ شريڪ هئا. وزير بلديات ان موقعي تي چيو ته ضلعي ملير ۾ ٽي سو ڪروڙ جي لاڳت سان 18 بلدياتي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزن ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ساليانو ترقياتي پروگرام تحت 170 کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي جنهن ۾ مرڪزي شاهراهون، انڊر پاس، ۽ فلائي اووز جا ميگا پروجيڪٽ پڻ شامل آهن ۽ اهي سمورا منصوبا بلاتفريق ڪراچي جي مختلف ڊسترڪٽ ۾ هلندڙ آهن. وزير بلديات ضلعي ملير جي چونڊيل نمائندن کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ ملير جي ترقياتي 18 منصوبن ۾ واٽر سپلائي، نالن، نيڪال، روڊن جي تعمير، استرڪاري ۽ مرمت جا ڪم شامل آهن جڏهن ته 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان واٽر بورڊ جون اسڪيمون ان کان علاوه آهن. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه سڀني لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون ڪيون ته ترقياتي منصوبن کي معيار سان ڄاڻايل وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ سڀني منصوبن ۾ شفافيت جو خاص ڌيان رکيو وڃي. چونڊيل نمائندن ان موقعي تي واٽر بورڊ جي آفيسرن جي روين جي شڪايت پڻ ڪئي. وزير بلديات ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته چونڊيل نمائندن سان سهڪار نه ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ازالو نه ڪندڙ آفيسرن کي جلد عهدن کان هٽايو وڃي ۽ پنهنجا آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

هينڊآئوٽ نمبر 76 (ايم ايس ايس)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019