IMG-LOGO


صوبي جي عوام کي بي لوث خدمت تي يقين رکون ٿا: صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ

  • (18 جنوي): سنڌ جي هيومن سيٽلمينٽ ۽ خصوصي ترقي واري وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ ملير ضلعي سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر ۽ نمائندا ملير ضلعي جي عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مصروف رهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ منعقد ڪيل اجلاس ۾ ڪيو. ان موقعي تي هيومن سيٽلمينٽ واري صوبائي وزير سان گڏ ملير ضلعي جي تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ بلدياتي چيئرمين پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري سنڌ ، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي وقار مهدي، قومي اسيمبلي جو ميمبر سردار جان محمد جوکيو، سيد آغارفيع الله، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر راجه عبدالرزاق بلوچ، سليم بلوچ ، محمود عالم ڄاموٽ، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سلمان عبدالله مراد ، چيئرمين بلديه ملير جان محمد بلوچ، ملير ضلعي جو انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ملير ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن ۽ نئين اسڪيمن بابت بلديات کاتي واري صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد جي ميمبرن کي انهن ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هيومن سيٽلمينٽ وارو صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ چيو ته ملير ضلعي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جا نمائندا ڪاوشن ۾ مصروف آهن ۽ عوام سان گڏ مڪمل رابطي ۾ آهن. ان علاوه هيومن سيٽليمينٽ ۽ ملير ضلعي جو صدر غلام مرتضيٰ بلوچ پاران ملير پريس ڪلب سال 2020 جي چونڊن ۾ ڪامياب عهديدارن صدر مير ذوالفقار ميرجت، جنرل سيڪريٽري علي گوهر مهر سميت باڊي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملير ضلعي ۾ ڪراچي مضافاتي علائقن سميت ملير جي غريب عوام جي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته هو مستقبل ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا.

هينڊآئوٽ نمبر 77 (ايم يو)


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019