IMG-LOGO


نيازي حڪومت ڪڻڪ جي بحران جي ذميوار آهي:صوبائي وزير سهيل انور سيال

نيازي ٽولوسياسي سودي بازي ۾ مصروف آهي: صوبائي وزير

تبديلي سرڪار عوام جي معاشي قاتل آهي: اينٽي ڪرپشن کاتي وارو صوبائي وزير

  • (19 جنوري 2020 ) سنڌ جي اينٽي ڪرپشن، آبپاشي ۽ عشر و زڪوات کاتي واري وزير سهيل انور سيال ملڪ ۾ اٽي جي بحران تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيازي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جي بحران جي ذميوار آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت وفاقي حڪومت 40 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان موڪلي قوم کي هڪ دفعو ٻيهر آزمائش وڌو آهي.صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ مهانگي اٽي جو وڪرو ٿيڻ نا اهل حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي. هن چيو ته رليف جي منتظر عوام تبديلي سرڪار مان مايوس ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هڪ سال ۾ اٽي جي قيمت ۾ چوٿون دفعو واڌ انتهائي افسوسناڪ آهي. صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته نيازي حڪومت عوام جي معاشي قاتل آهي، هو عوام روزگار مهيا ڪرڻ بجاءِ ادارن کي وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته عوام جي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ عمران نيازي جو ٽولو هن وقت سياسي سوديبازي ۾ مصروف آهي ۽ عوام مسئلن ۾ هو ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه ٿا وٺن. صوبائي وزير سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي سليڪٽيڊ حڪومت هڪ خاص حڪمت عملي سان گڏ سنڌ حڪومت مشڪلا ت پيدا ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي معاملن وفاق هروڀرو مداخلت انهن جي سياسي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي.

 

هينڊآئوٽ نمبر 78(ايم ڪي )


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019