IMG-LOGO


ڪراچي (19 جنوري 2020 ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني آچر ڏهاڙي پي ٽي آءِ جي رهنمائن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪڻڪ جو بحران هن وقت پوري ملڪ ۾ آهي جنهن جو سبب وفاقي حڪومت جي نا اهلي آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ صوبي ۾ اٽي جي بحران جو سبب ٽرانسپورٽن جي هڙتال هئي جيڪا ڏهن ڏينهن تائين جاري رهي. هن چيو ته ڪڻڪ پنجاب ۽ بلوچستان جي گدامن مان سنڌ کي منتقل ڪرڻي هئي جيڪا وفاقي حڪومت جي نا اهلي سبب اتان هتي منتقل نه ٿي سگهي. سعيد غني چيو ته هڙتال ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻي 70 هزار ٻوريون سنڌ ۾ اچي چڪيون آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هن رفتار کي وڌيڪ تيز ڪريون، ته جيئن ٻه چار ڏينهن ۾ اسان ڪڻڪ جي کوٽ کي ختم ڪري سگهندا. سعيد غني سوال اٿاريو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن اسانجي ڪوتاهي آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي بحران جو ڇا سبب آهي ؟ اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته وزيراعظم پنهنجي ان نا اهلي سبب قوم کان معافي وٺي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت هر ذميواري سنڌ حڪومت تي وجهڻي آهي ته وفاقي حڪومت کي استعيفا ڏئي ڪري پنهنجي نا اهلي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي جان ڇڏڻ گهرجي۔

هينڊآئوٽ نمبر..... 81


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019