IMG-LOGO


طلاعات کاتوحڪومت سنڌ دادو                                                     فون؛  0259200289

  
22 جنوري 2020  دادو ( ھ ـ آ ) ڊپٽي ڪمشنر دادوراجه شاه زمان کهڙو چيو آهي ته پوليو مهم ۾ رهجي ويل ٻارڙن کي  هرصورت ۾ پوليوجا ڦڙا پيارڻ واري ڪم کي يقيني بنايووڃي ۽ انڪارڪندڙ والدين کي  هر حال ۾ راضي ڪري انهن جي ٻارڙن کي پوليوجا ڦڙا پياريا وڃن ان لاء     صحت کاتي پاران تشڪيل ڏنل پوليوجي ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمون پنهنجا فرائض تندهي ۽ ايمانداري سانسرانجام ڏين ته   پوليوجهڙي موذي مرض جوخاتمو آڻي سگهجي ٿو  اهڙواظهار ڊپٽي ڪمشنر دربارهال دادو ۾ ڊسٽرڪٽ پوليوڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته  دادو ضلعي مان پوليو جي پاڙ پٽڻ لاء صحت کاتي سان اسان سڀني کي هن نيشنل   ڪاز کي قومي فرض سمجهي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان ڏس ۾ضلعي انتظاميه ۽ ٻين کاتن جا عملدار صحت کاتي سان هرممڪن تعاون ڪن اجلاس ۾ ڊي سي سختي سان هدايت ڪندي سڀني عملدارن کي چيوته هن ڪم ۾ لاپرواهي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن کي هرگزمعاف نه ڪبوانهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ چيو   ايندڙ پنجن ڏينهن واري پوليومهم 17 کان 21 فيبروي پڪي جي علائقن ۾17 کان 23   فيبروي  2020 تائين ڪچي جي علائقن ۾ پوليو مهم جاري رهندي  جنهن ۾ دادو  ضلعي جي  371244  ٻارڙن کي پوليو جي مرض کان  بچاءجا ڦڙا پياري سڄي عمر معذور ٿيڻ کان بچا ئي سگهجي ٿوان ڪم کي يقيني بنائڻ لاء صحت کاتو پنهنجا سڀئي وسيلا۽ صلاحتيون ڪتب آڻين اجلاس ۾ ڊي سي چيوته هن پوليومهم کي ڪامياب ڪن مائيڪرو پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي لوڪل ٽيم کي اوليت ڏني وڃي ۽ هائي رسڪ يونين ڪائونسل تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪم جي رپورٽ درست ڏني وڃي غلط رپورٽ جي جانچ ڪرڻ بعد انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون  نظيراحمد سومروچيوته پوليومهم دوران جيڪي والدين ٻارکي پوليوجا ڦڙا نه پيارڻ ڏين ۽ ڦڙن پيارڻ وارين ٽيمن کي يا نگراني ڪندڙن پنهنجي ڪم ڪارڪابه دشواري يا ڪي مسئلاپيش اچن ته ان جواطلاع فوري طورتي ضلعي انتظاميه کي ڏين ته جيئن ۽ اسٽنٽ ڪمشنرن ، مختيارڪارن ۽ يونين ڪائونسل سيڪريٽري يا چيئرمين گڏجي انڪارڪندڙ والدين  سان روبرو ملن ۽ انهن کي  پوليو ڦڙن پيارڻ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏين ۽ راضي ڪن ۽ ٻيابه گهربل مسئلابروقت حل ڪياوڃن اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون  نظيراحمد سومرو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽرزاهد حسين ڏاوڇ ، اسٽنٽ ڪمشنرميهڙ غلام شبيررند   ، اسٽنٽ ڪمشنرڪي اين شاه  ا رشاد علي ،   اسٽنٽ ڪمشنردادو ، محمد علي لنڊ ، اسٽنٽ ڪمشنرجوهي پيرل خان چانڊيو ،  ڊي ايس پي پوليس لائين نظيراحمد سولنگي ، ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر  آفيسر سيد اعجازشاه ، ايڊيشنل ڊي ايڇ اوڊاڪٽرعبدالعزيزچانڊيو ، ڊاڪٽر احمد علي سيمجو ، ڊي پي سي آرڊاڪٽرزاهد حسين کهرو ۽ صحت جي عملدارن شرڪت ڪئي                                                                                                              .  
 
         
هه آ نمبر 17 (ج م ڳ)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019