IMG-LOGO


سنڌ حڪومت وفاق کان ڪڻڪ ۽ کنڊ پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وفاقي حڪومت چيو هو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ آهي، تنهن ڪري فوري طور هو پرڏيهه ڪڻڪ موڪلڻ بند ڪري ڇڏي،سنڌ حڪومت

وفاق جيڪڏهن پابندي نه لڳائي ته ايندڙ سال ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو سنگين بحران پيدا ٿيندو.اسماعيل راهو

نيازي سرڪار 10 لک ٽن کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي، جنهن سبب کنڊ جو بحران پيدا ٿيو آهي.اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت وفاق کان ڪڻڪ ۽ کنڊ پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت چيو هو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ آهي، تنهن ڪري فوري طور هو پرڏيهه ڪڻڪ موڪلڻ بند ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت فوري طور تي کنڊ جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ تي به پابندي لڳائي، وفاق جيڪڏهن پابندي نه لڳائي ته ايندڙ سال ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو سنگين بحران پيدا ٿيندو ۽ وفاق اهڙا فيصلا ڪرڻ کان اڳ صوبن کي به اعتماد ۾ وٺي. نيازي سرڪار 10 لک ٽن کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي، جنهن سبب کنڊ جو بحران پيدا ٿيو آهي. صوبائي وزير ته نيب سميت سمورا ادارا جاچ ڪن ته ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهر ڪنهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ موڪلي وئي آهي.اسماعيل راهو چيو ته ھلندڙسال سنڌ حڪو مت ڪڻڪ خريد ڪندي،ڪراچي جي سمورين بچت بازارن ۽ مختلف جگھن تي 28 ھزار650 ڏھ ڪلوجي اٽي جا ٿھيلا پھچايا ويا آھن،ٻن ڏينھن ۾ سو ڪلو واريون 33 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون فلورملز کي جاري ڪيون ويون آھن، 60 ھزارکان وڌيڪ ڪڻڪ جي اٽي جون ٻوريون ٽرڪن تي مختلف جڳھن تي ڪراچي ۾ وڪرو ٿين پيون،سنڌ ۾ ھلندڙسال 38 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿيندي، وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري سڄو فائدو جهازواري جادوگرکي پهچائڻ چاهي ٿي.


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019