IMG-LOGO


مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هينڊز تنظيم پاران ڪوٺايل 40هين ڪنوينشن ۾ شرڪت

وزير زراعت اسماعيل راهو، صوبائي اسيمبلي ميمبر راجا رزاق، صوبائي اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي پڻ ان موقعي تي موجود هئا

ڪراچي (25 جنوري): مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 1979 کان هينڊز تنظيم ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي خدمت اوهان سڀني آڏو آهي، لکين ماڻهو ان مان فائدو وٺي چڪا آهن، 10 هزار ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي ان ۾ خدمت ڪري رهيا آهن. هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ مان آيل وفدن ثقافتي اسٽال لڳائڻ تي انهن کي ڀيلڪار چئون ٿا. هينڊز جي سڄي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جهڙي ريت هن تعليم، صحت، روزگار ڏيڻ، غريب ۽ لاچار ماڻهن کي گهر ڏيڻ جو وڏو ڪم جيڪو واکاڻ ۽ فخر جوڳو آهي. سنڌ حڪومت به ان ۾ پنهنجو حصو وجهندي آهي جيڪو هر سال وڌڻ گهرجي. وڏي وزير اهڙن قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ مڪمل مدد ڪئي. سڄي ملڪ اندر هينڊز ڪم ڪري رهي آهي اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪم ۾ پنهنجو حصو وڌيڪ وڌايون. هينڊز پاران نون منصوبا رٿيا پيا وڃن جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسڪلز ڊيولپمينٽ جي تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪي ماڻهن کي مختلف قسم جا هنر سيکاريندا ته جيئن اهي پنهنجو روزگار لڳائي سگهن. ٻيو نرسنگ ڪاليج جو قيام ڇوته ان جي گهڻي اهميت ۽ ضرورت آهي سنڌ حڪومت ان ۾ مڪمل تعاون ڪندي. سيد ناصر حسين شاهه لڳايل مختلف اسٽالن کي ڏٺو ۽ اتي موجود شين جي خريد پڻ ڪئي. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه کي اجرڪ جي روايتي سوکڙي پڻ پيش ڪئي وئي.

هينڊآئوٽ نمبر 100 (ايم ايس ايس)


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019