IMG-LOGO


 

سمورن نئين ۽ زير تعمير منصوبن ۾ وڻڪاري لازمي ڪئي وڃي: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

4 هزار کان وڌيڪ جاين تي وڻڪار ڪئي ويندي: ناصر حسين شاهه

بلدياتي ادارن جي سربراهي اجلاس ۾ بلديات کاتي واري وزير، سيڪريٽري روشن شيخ ، نعيم قريشي ۽ ٻين جوخطاب

ڪراچي ( 26 جنوري) سمورن نئين ۽ زير تعمير منصوبن ۾ وڻڪاري لازمي ڪئي وڃي ۽ تعميراتي منصوبن ۾ وڻڪاري جي جڳهه لازمي مخصوص ڪرڻي پوندي نه ته پروجيڪٽ بڻائڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سمورن منصوبن ۾ وڻڪاري کي يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار مڪاني ۽ جنگلات کاتي واري صوبائي سيد ناصر حسين شاهه گذريل ڏينهن بلدياتي ادارن جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ بلديات کاتي واري سيڪريٽري روشن شيخ، ايس بي سي اي جي ڊي جي ظفر عباس ، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ميونسپل ڪمشنر ، ڊائريڪٽر سيف الرحمان، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، ڊي جي لياري ڊولپمينت اٿارٽي خالق لغاري، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملير ايڪسپريس وي نياز سومرو ۽ نيشنل فورم فار انوائرنمينٽ ۽ هيلٿ جي صدر ۽ ماحوليات جي ماهر محمد نعيم قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي روشن شيخ ٻڌايو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ چار هزار کان وڌيڪ جڳهن تي وڻڪاري جو منصوبو جوڙيو ويو آهي ۽ جلد ئي هن تي عمل ڪرايو ويندو ۽ ڪراچي ۾ پارڪن جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ اين جي اوز لاءِ وڻڪاري جي لاءِ ڪجهه علائقا مختص ڪيا ويندا. اين ايف اي ايڇ جي صدر محمد نعيم قريشي چيو ته پارڪن کي اوون ڪرڻ پارٽنرشپ جي پاليسي کي اپنايو ويندو۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ڪميونٽي گروپ ان سلسلي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نعيم قريشي چيو ته وڻن کي وڍڻ تي سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سمورن وڏن منصوبن تي ڪم کان پهريان وڻن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. هن نيشنل فورم پاران ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي تيمر جي وڻن جي مسلسل ڪٽائي کي روڪڻ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ نعيم قريشي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ضلعو ۽ ٻيا شامل هوندا. سيد ناصر حسين شاهه پاران وڻن جي ڪٽيندڙن خلاف فوري ڪاروائي ۽ مقدمو درج ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

هينڊ آئوٽ نمبر..... 106 ايم ايس ايس


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019