IMG-LOGO


اطلاعات کاتو

حڪومت سنڌ، ڪراچي

26 آڪٽوبر 2019

(ڪراچي 26 آڪٽوبر 2019) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سڀاڻي جي يو آءِ جو آزادي مارچ ڪراچي شهر مان شروع ڪيو پيو وڃي. سڀاڻي 10 وڳي سهراب ڳوٺ مان قافلو روانو ٿيندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو هو ته آزادي مارچ جنهن ضلعي مان شروع ٿيندو ڪارڪن استقبال ڪندا ۽ شريڪ پڻ ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏهاڙي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀاڻي اسين ڪراچي ڊويزن طرفان اسان وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا سين. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آزادي مارچ جو اڳيون استقبال ڄامشورو ٿيندو. هن چيو ته ميان نواز شريف جي طبيعت جهڙي حالت ۾ ٿي آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي. عمران خان هن جي جان سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته قانون موجب نواز شريف ۽ آصف علي زرداري کي سهولتون نه ڏنيون ويون. سعيد غني چيو ته نواز شريف کي تنگ ڪرڻ لاءِ مريم نواز کي ۽ آصف علي زرداري کي تنگ ڪرڻ لاءِ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو بدترين حڪمران ضياءُ الحق هو. ان به صحت جون سهولتون مهيا ڪيون. هن چيو ته عمران خان جي اندر جنرل مشرف جي روح آهي. عمران خان جو فيصلن ۾ ساٿ ڏيندڙ مشرف جا ماڻهو آهن. سعيد غني چيو ته نواز شريف جي طبيعت انتهائي خراب آهي. ان موقعي تي ڊيل جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڊيل جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسان مشڪلاتن کي منهن ڏئي چڪا آهيون. اسان صرف آصف علي زرداري جي صحت لاءِ فڪرمند آهيون. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايئن ناهي ته عليمه خان کي جيئن ڇوٽ ڏني وئي آهي پر پيپلز پارٽي جي ليڊرن سان سختي ڪئي پئي وڃي . صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آزادي مارچ جا مقصد حاصل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پي ايس 11 تي جي يو آءِ پاران حمايت نه ڪئي وئي. جي يو آءِ جي اميدوار معظم عباسي جيڪڏهن جي يو آءِ جو اميدوار آهي ته اميد آهي ته جي يو آءِ جي آزادي مارچ ۾ نه صرف شريڪ ٿيندو پر استقبال پڻ ڪندو. هن چيو ته نواز شريف لاءِ ڊاڪٽرن جون رپورٽون ڪافي آهن. اهو حقيقت ۾ بيمار آهي، اسين دعا ڪيون ٿا ته هو جلد صحتياب ٿئي. اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته پي ايس 11 جون چونڊون هن آزادي مارچ جي اڳيان ان جي ننڍڙي حيثيت آهي. اليڪشن ۾ جي يو آءِ جو فيصلو غلط هو ان تي مولانا کي سوچڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجي معصومانه خواهش آهي ته ۽ راشد محمود سان مطالبو آهي ته اميد آهي ته معظم عباسي هن جو استقبال ڪندو ۽ اسلام آباد پڻ ويندو. نواز شريف جا پٽ نه آيا ان تي ڳالهه ڪرڻ نه چاهيان. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هر حڪومت جو حق آهي ته قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ٿيندڙ احتجاج کي سيڪيورٽي مهيا ڪئي وڃي. هن چيو ته ٿريٽ ته هر سياسي رهنما کي هوندا آهن. هن چيو ته پارٽي والنٽيئر ۽ حڪومت گڏجي ان سلسلي ۾ ڪم ڪندا آهن. جيڪڏهن ٿريٽ آهي ته ان سياسي سرگرميون بند ڪيون وڃن اهو ممڪن نه آهي. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي بيهڻ غلط نه آهي ۽ الڳ الڳ بيهڻ درست نه آهي. هن چيو ته مشرف جو ڪيس ختم ڪرڻ تشويش جو سبب آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ جنرل مشرف جا چيلا هن کي بچائڻ قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته هن نامزد شخص جو ڪيس ختم بجاءِ مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن نامزد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حافظ حمدالله جي شهريت ختم ڪرڻ غلط رواج ۽ نادرا کي حڪومت استعمال ڪيو. حافظ حمد الله جو والد پاڪستان جو سرڪاري ملازم هو ۽ هن جو وڏو ڀاءُ پڻ سرڪاري اداري ۾ هو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حمدالله صاحب جي حوالي سان پهريان ڇو ڪو نه تحقيقات ڪئي وئي. صرف غير ملڪي قرار ڏيڻ الڳ پر هڪ طرفو پيمرا کي خط جاري ڪرڻ انهن جي خوف جي نشاني آهي. هن چيو ته ان معاملي سان پوري دنيا ۾ تماشو بڻجندو۽ ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته مراد علي شاهه جي گرفتار ڪجهه ماڻهن جي خواهش ضرور هوندي پر قانون تحت ڪارروائي ٿي ته سڀئي ڇٽي ويندا. هن چيو ته انصارالسلام تي پابندي هجي يا ڪنهن ٻئي تي اسين جيڪو ڪندا سين قانون موجب فيصلا ڪندا سين.

 

 

هينڊ آئوٽ نمبر ...885

 

 


Handouts

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019