IMG-LOGO


 

آبپاشي کاتي ۾ ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارراوئي جو فيصلو:

صوبي ۾ غير قانوني واٽر ڪورسز جي خاتمي لاءِ آپريشن جو حڪم

صوبائي وزير سهيل انور سيال بندن ڪينالن ۽ شاخن جو درو ڪيو.

ڪراچي ( 29 جنوري 2020) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ غير قانوني واٽر ڪورسز جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو. ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ ڪرپٽ عنصرن خلاف قانون جي مطابق کاتو ڪارراوئي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي شڪارپور رنڪ ڪمپليڪس، وارهه ريگوليٽر، گٽنگ ريگوليٽر، قمبر شهداد ڪوٽ جي بند ڪينالن ۽ مختلف شاخن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انوار سيال سان ساڻس رڪن سنڌ اسيمبلي گهنور خان اسراڻي، رڪن سنڌ اسيمبلي سردار خان چانڊيو، حاجي قمرالدين گوپانگ، محمد پنهل سومرو، رياض الدين ابڙو، عبدالغفار بروهي، ڊي سي قمبر، علائقي جا معزز ۽ آبپاشي کاتي لاڙڪاڻي جو چيف انجينيئر، سکر جو چيف انجينيئر، ڊرينج جو چيف انجينيئر، ايس اي لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ايڪس سي اين لاڙڪاڻو ڊويزن موجود هئا. صوبائي وزير سهيل انور سيل چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سموري صوبي ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ زراعت جو اهم ڪردار آهي ۽ صوبي جي هارين کي بنا دير وقت تي پاڻي جي فراهمي لاءِ سنڌ جو آبپاشي کاتو سمورا وسيلا استعمال ڪري پيو. جڏهن ته سموري صوبي ۾ پاڻي جي ذخيري ۽ هارين جي لاءِ اچڻ واري سيزن جي حوالي سان پاڻي جي موجود صورتحال تي گهري نظر رکيل آهي. صوبائي وزير سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته ٽيل ۽ ڪچي جي هارين کي آخري سري تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ پاڻي جي منصفاڻي تقسيم جي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت آندي پئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي عهديدارن کي سختي سان حڪم ڏيندي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته پاڻي جي منصفاڻي تقسيم ۽ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان معاملي ۾ آبپاشي کاتي جي آفيسرن ۽ عملي ڪوتاهي ڪئي ته انهن خلاف قانون مطابق کاتو ڪارروائي ڪندو.

 

 

 

هينڊآئوٽ 116 ايم ڪي


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019