IMG-LOGO


ڪراچي ( پهرئين فيبروري 2020) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هي جنرل ضياءُ الحق جو دور نه آهي جڏهن گورنر اسميبليون ٽوڙي سگهندو هو ۽ هاڻي ته گورنر پنهنجي پٽيوالي کي هٽائي نه ٿو سگهي، حڪومت ته پري جي ڳالهه آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پاڪستان جي هاڻوڪي آئين تحت ته گورنر پنهنجي گاڏي جي پيٽرول جا پئسا به نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسين نه چاهيون ته گورنر جي گاڏي به نه ٿي هلي سگهي. سعيد غني چيو ته گورنر صاحب موجون ڪرڻ لاءِ آهي ۽ هو موجون ڪري ، پنهنجي دوستن سان ڪچهريون ڪري ۽ هن وٽ ڪو به اختيار نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏهاڙي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ هلندڙ ادبي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سعيد غني چيو پاڪستان جي آئين تحت صوبي جو چيف ايگزيڪٽو وزيراعليٰ هوندو آهي. هن چيو ته حليم عادل شيخ کي موجوده آئين پڙهڻ گهرجي ۽ پوءِ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ جا اتحادي هنن جي ناڪام پاليسين سبب سخت ناراض آهن، اهي ڪيستائين پي ٽي آءِ جي گناهن جو ٻوجهه پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلندا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف بيروزگاري ۽ مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. ماڻهو هاڻي نالائق وفاقي حڪومت کان تنگ اچي چڪا آهن جنهن جو گناهه هنن جي اتحادين کي به ملي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا اتحادي ان گناهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهن ٿا ته هنن کي جلد وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو به انهن کي دعائون ڏين ۽وفاقي حڪومت جا اتحادي به ماڻهن کي چئي سگهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توهان کي مهانگائي ۽ بيروزگاري ڏني آهي ان ڪري اسان هن حڪومت کي ڇڏيو آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کي ڇڏي سنڌ حڪومت کي جوائن ڪندي ته ان کي ڪابينه جو پڻ حصو بڻايو ويندو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جي مخالفت ڪئي ويندي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو قانون سازي ذريعي رکيو ويو آهي. هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان هي قانون منظور ڪيو ويو. سعيد غني واضح ڪيو ته جنهن وقت هي قانون سازي ڪئي وئي ان وقت پارليامينٽ ۾ جيتريون به سياسي جماعتون هيون انهن نه صرف هن نالي کي پر هن پروگرام کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته هاڻي ڪا به حڪومت ان نالي کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته نيب جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڪلين چٽ ڏئي ڪري ٻين پارٽين جي ماڻهن خلاف ريفرنس دائر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڪري پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. آءِ جي سنڌ پوليس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سيد ڪليم امام ڪجهه وفاقي وزيرن جي سپورٽ سان پنهنجي سيٽ تي ويٺو آهي. هن چيو ته هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وفاقي حڪومت ڪنهن جو انتظار ڪري ٿي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اهائي تقرير جيڪا سيد ڪليم امام ڪجهه ڏينهن پهريان ڪئي، ڪنهن ٻئي صوبي جو آءِ جي يا بيوروڪريِٽ ڪري ها ته وزيراعظم يا ان صوبي جي وزيراعيلٰ جو رد عمل ڪجهه ٻيو هجي ها. جڏهن ته سنڌ سان ماٽيلي صوبي وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري ڪنهن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هن جي علم ۾ نه آهي ته وزيراعليٰ پنهنجي حاليه اسلام آباد جي دوري دوران جهانگير ترين سان مليو آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ صرف وزيراعظم عمران خان سان مليو هو ۽ هن سان سنڌ ۾ وفاق تحت هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ وفاق پاران سنڌ کي ملندڙ فنڊن ۾ دير ٿيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کان اڳ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هلندڙ ادبي ميلي ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي چيو ته هو جڏهن به آرٽس ڪائونسل ايندو آهي ته هن کي بيحد خوشي محسوس ٿيندي آهي. سعيد غني چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ مسلسل اهڙي قسم جي سرگرمين جو انعقاد نه صرف ڪراچي شهر جو مثبت تصور اجاگر ڪري ٿو پر ان سان گڏ وگڏ هتي ايندڙ نوجوانن کي شهر جي نامور شخصيتن ، ادبي شخصيتن ۽ ٻين شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مهيا ٿيندو آهي جنهن سان هنن کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو آهي.

 

هينڊآئوٽ نمبر 129


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019