IMG-LOGO


سنڌ سرڪار پاران بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جو نالومٽائڻ ۽ تصوير هٽائڻ تي وفاق آڏو احتجاج جو فيصلو

حڪومت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جو نالو مٽائڻ يا تصوير ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بني گالا جوگھيراءُ ڪند اسين،اسماعيل راهو

 

عمران خان ٻڌائي ته ھو شھيد بي بي جي نالي ۽ تصوير کان ايترو خوفزده ڇو آھي؟،اسماعيل راهو

 

وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تصوير هٽائڻ ۽ نالو بدلائڻ وارين خبرن جي وضاحت ڏي.اسماعيل راهو

 

ڪراچي(پهرين فبروري 2020) سنڌ سرڪار، بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جو نالومٽائڻ ۽ تصوير هٽائڻ تي وفاق آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جو نالو مٽائڻ يا تصوير ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بني گالا جوگھيراءُ ڪند اسين،سليڪٽڊ حڪومت بينظير جي نالي کان خوفزده آھي،پ پ پ دشمني ۾ حڪومت ايتري انڌي ٿي وئي آھي جو شھيدن کي به نٿي بخشي. هن چيو ته حڪمران ياد رکن نالو بدلائڻ يا تصويرھٽائڻ سان عوام جي دلين مان شھيد بينظير کي مٽائي نٿو سگھجي. اسماعيل راهو سوال اٿاريو ته عمران خان ٻڌائي ته ھو شھيد بي بي جي نالي ۽ تصويرکان خوفزده ڇو آھي؟، جيڪي حڪمران عورت سان نفرت ڪن ٿا اهي ڪڏهن به ليڊر نٿا بڻجي سگهن، وزيراعظم انڪم سپورٽ پروگرام جي تصوير هٽائڻ ۽ نالو بدلائڻ وارين خبرن جي وضاحت ڏي. اسماعيل راهو حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏھن وفاقي حڪومت نالو تبديل يا پروگرام بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اھا عوام دشمني ھوندي،جمھوريت پسند حلقا ان فيصلي جي مزاحمت ڪندا. چور دروازي کان اچڻ وارا اڳوڻين عوامي حڪومتن جا پروگرام چوري ڪري پنهنجو چُورن وڪڻي رهيا آهن. هن حڪومت تي تنقيد جا نشتر هلائيندي چيو ته حڪومت عوام کي بجلي،پيٽرول،اٽو ۽ کنڊ مھانگي ڪرڻ جو ٽيڪو ته لڳائيندي رھي آهي، ھاڻ حورن وارو ٽيڪو به لڳرائي، حڪومت پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪلهاڙي هڻي رهي آهي،اهڙي فيصلي سان حڪومت کي رسوائي کان سواءِ ڪجهه به نصيب نه ٿيندو، سال 2020 حڪومت جو آخري سال هوندو.

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019