IMG-LOGO


بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد

فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي : سيد ناصر حسين شاهه

سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجي پنهنجي ضلعي ۾ علماء ڪرام سان گڏجي اجلاس منعقد ڪندا

ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ نه ڪندي پر مستقل بجلي فراهم ڪندي، اجلاس ۾ فيصلو

ڪراچي 27 آڪٽوبر: سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل محفلون ۽ جلوس کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي شهرين کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. جلوس جي رستن کي صاف سٿرو رکيو ويندو. بلديات کاتي جي هر ضلعي جي انتظاميه ، ڪينٽومينٽ بورڊ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل بلدياتي ادارا ان موقعي تي جلوس جي رستن ۽ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي محفلن جي جڳهن تي ۽ مسجدن ۾ صفائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي عملو مقرر ڪيو ويندو. جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي جلوسن ۽ محفلن وارن رستن تي اسٽريٽ لائيٽون هنيون وينديون. ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ نه ڪندي ۽ مسجدن ، جلوسن ۽ محفلن وارين جاين تي مستقل بجلي فراهم ڪندي. سيد ناصر حسين شاهه جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي جلوسن ۽ محفل جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي انتظامن بابت منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ، ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي، ميونسپل ڪمشنر بلديه اعظميٰ ڊاڪٽر سيد صيف الرحمان ، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي ون اسد علي ، مينيجنگ ڊائريڪٽر واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اسدالله ، مينيجنگ ڊائريڪٽر سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ، اسسسٽنٽ ڪمشنر جنرل اعجاز حسين رند، سمورا ڊپٽي ڪمشنرز، سمورا ايس ايس پيز ، پاڪستان رينجرز جا سينيئر آفيسر ، سمورا بلديات کاتي جا ميونسپل ڪمشنرز ، ڪينٽومينٽل بورڊز جا آفيسر ۽ ڪي_ اليڪٽرڪ جا نمائندا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه علماء کي چيو ته حڪومت ، انتظاميه ، پوليس ۽ رينجرز ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪندا ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا منتظمين کي هرممڪن سهولتون مهيا ڪندا. ان موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن. ضلعي انتظاميه جا آفيسر، علماء ڪرام ، مذهبي رهنمائن ۽ منتظمين سان رابطي ۾ رهندا ۽ انهن سان صلاح مشورا ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا ۽ پنهنجي آفيسن ۾ اجلاس منعقد ڪن. ان موقعي تي ڪراچي جا علماء ۽ مذهبي رهنمائن سان وقت سر اجلاس جي انعقاد ڪرڻ تي ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بهتر انتظامن جي سلسلي ۾ اجلاس کي پنهنجون تجويزون ڏنيون ۽ مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي.

 

هينڊ آئوٽ نمبر .890ايم ايس ايس

 


Handouts

CONDOLENCE

06-03-2020

CORONAVIRUS

02-03-2020

CORRIGENDUM

06-01-2020

CHARGE ASSUMPTION

28-11-2019

PAC DIRECTIVES.

29-10-2019